بلال عباس خان

بلال عباس خان

بلال عباس خان

بلال عباس خان : مشھور اداڪار بلال عباس خان ولد سھيل عباس 4 جون 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ زيبسٽ (Szabist) ڪراچي مان مارڪيٽنگ ۾ گريجوئيشن ۽ نيشنل اڪيڊمي آف پرماننگ آرٽس ڪراچيءَ مان اداڪاريءَ جي تربيت حاصل ڪئي. عملي زندگيءَ جي شروعات ماڊل طور ڪئي. 2016ع کان ’خوشحال سسرال‘ ڊرامي ۾ هڪ مختصر ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته 2017ع ۾ ’او رنگريزه‘ ڊرامي ۾ ’قاسم‘ نالي ڪردار وسيلي مقبوليت ماڻي. سندس ٻين مشھور ڊرامن ۾: ’دم پخت آتش عشق‘ (2016ع)، ’رسم دنيا‘، ’قربان‘ (2017ع)، ’بلا‘ (2018ع)، ’چيخ‘(2019ع)، ’لال‘ (ٽيلي فلم: 2019ع)، ’پيار کے صدقے‘ (2020ع)، ’ڈنک‘ (2020ع)، ’دوباره‘ (2021ع)، ’من جوگی‘ (2024ع) ۽ ٻيا شامل آهن. 2023ع ۾ سندس ڊرامي ’عشق مرشد‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. کيس فن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.


لفظ بلال عباس خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.06.04  عيسوي

مشھور اداڪار بلال عباس خان ولد سھيل عباس 4 جون 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحيم ڏنو فقير
چارو پرسو گدواڻي
ڄام مدد علي (سياستدان)
آدم ٻٽ ڊاڪٽر
ڀارواڻي وشنداس
پير جمعو شهيد
غلام عمر عباسي شھيد
عصمت الله عرف راجو پٺاڻ
ظل رحمان
آهوجا ميول نيوند رام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون