بلال عباس خان

بلال عباس خان

بلال عباس خان

بلال عباس خان : مشھور اداڪار بلال عباس خان ولد سھيل عباس 4 جون 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ زيبسٽ (Szabist) ڪراچي مان مارڪيٽنگ ۾ گريجوئيشن ۽ نيشنل اڪيڊمي آف پرماننگ آرٽس ڪراچيءَ مان اداڪاريءَ جي تربيت حاصل ڪئي. عملي زندگيءَ جي شروعات ماڊل طور ڪئي. 2016ع کان ’خوشحال سسرال‘ ڊرامي ۾ هڪ مختصر ڪردار ادا ڪيو، جڏهن تہ 2017ع ۾ ’او رنگريزه‘ ڊرامي ۾ ’قاسم‘ نالي ڪردار وسيلي مقبوليت ماڻي. سندس ٻين مشھور ڊرامن ۾: ’دم پخت آتش عشق‘ (2016ع)، ’رسم دنيا‘، ’قربان‘ (2017ع)، ’بلا‘ (2018ع)، ’چيخ‘(2019ع)، ’لال‘ (ٽيلي فلم: 2019ع)، ’پيار کے صدقے‘ (2020ع)، ’ڈنک‘ (2020ع)، ’دوباره‘ (2021ع)، ’من جوگی‘ (2024ع) ۽ ٻيا شامل آهن. 2023ع ۾ سندس ڊرامي ’عشق مرشد‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. کيس فن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.


لفظ بلال عباس خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.06.04  عيسوي

مشھور اداڪار بلال عباس خان ولد سھيل عباس 4 جون 1993ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عامر لطيف صديقي
سعادت حسن منٽو
خواجہ خورشيد انور
جيسينه جئہ سينه
حزب ﷲ ميمڻ شھيد
احمد خان گويو
ابڙو شيخ ھالاڻي
تھمينه سومرو
ذاڪر حسين ڊاڪٽر
الطاف اثيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون