مخدوم بلاول جي علامتي تصوير

مخدوم بلاول جي علامتي تصوير

بلاولي تحريڪ

بلاولي تحريڪ: مخدوم بلاول شهيد، محب وطن، انسان دوست، هڪ وڏو بھادر انسان ٿي گذريو آهي (وڌيڪ ڏسو: مخدوم بلاول). سمن جي دور ۾، ڌارئين حملي آور حاڪم شاھہ بيگ ارغون ۽ ساٿين جي خلاف سنڌ جي محب وطن حاڪم ڄام نظام الدين سمي سنڌ جي عوام سان گڏجي پنھنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ مزاحمتي جنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي اڳواڻي مخدوم بلاول جهڙي جوڌي ۽ عالم شخص ڪئي هئي. شاھہ بيگ ارغون ڏٺو تہ جيڪڏهن هن ملڪ جي وڏي عالم ۽ ولي مخدوم بلاول کي تڪڙو گرفتار ڪري مارائبو تہ سنڌ ۾ عوامي غصو ۽ تحريڪ باھہ ٻاري ڇڏيندي. ان ڪري هن هڪ سازش ذريعي ويڪائو ۽ درٻاري مُلن کان مخدوم بلاول جي خلاف فتوا ڪڍرائي، کيس لوهي گهاڻي ۾ پيڙائي شھيد ڪري ڇڏيو.
مخدوم بلاول جي شهادت کانپوءِ سندس ساٿين، خليفن، صوفين سڳورن ۽ سنڌ جي بھادر عوام تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا، پر سنڌ جي محب وطن بزرگن ۽ عوام دٻجڻ ۽ شڪست قبولڻ بدران پنھنجي جدوجھد کي تيز ڪري ڇڏيو. انهن ڌارين ظالم حڪمرانن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو تسلط ۽ حڪومت اٽڪل پوڻا 200 ورهيہ رهي، پر سندن حڪومت جي هر ڏينهن، هن امن پسند سرزمين تي تشدد جي بازار گرم رهي ۽ سندن ظلمن سان سنڌ جون تاريخون ڀريون پيون آهن. ارغونن جي قبضي کي ان وقت جي شاعرن ”خرابيء سنڌ“ سان تعبير ڪيو هو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي پوڻن ٻن سئو ورهين واري دور ۾ سنڌين کي صفحئه هستيءَ تان ميٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. مخدوم بلاول جي حريت پسند ساٿين ۽ خليفن وڏيءَ همت ۽ دليريءَ سان اِن بربريت جي دور ۾ سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏنو ۽ ”بلاولي تحريڪ“ جي جهنڊي هيٺ وطن جي سلامتيءَ جي جنگ جاري رکي. اهڙن مکيہ ماڻهن ۾ سيد حيدر شاھہ سنائي،ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم ميان مٺو عرف رڪن الدين ٺٽوي، مخدوم عثمان هنڱورو گچيرائي، مخدوم سعد عرف ملان ساند بلاولي، مخدوم حسن لاکو عرف مخدوم بلاولي ڀاڻوٺي، بيبي راڻي رُونجهي (محرابپور واري) ۽ مخدوم سخي ڄام ڏاتار شامل هئا. هن تحريڪ دوران ارغونن جي حامي سيد ميران محمد جونپوريءَ کي سيد حيدرشاھہ سنائيءَ، موجودہ سن شھر وٽ 15 جنوري 1443ع ۾ ”درياهي جنگ“ ۾ شڪست ڏني ۽ کيس افغانستان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو. بلاولي تحريڪ صرف سمن جي دور تائين محدود نہ رهي، پر سنڌ جي محقق عبدالواحد آريسر جي تحقيق مطابق اُها مغل دور تائين جاري رهي. اها جدوجھد ۽ اها تحريڪ سندس لفظن ۾ دريا خان جي شهادت واري سال (1520ع) ۽ مخدوم بلاول جي جدوجھد سان شروع ٿي، 1739ع ۾ جڏهن ٺٽي مان آخري مغل گورنر نڪتو، اُن وقت تائين هلي. انهيءَ جدوجھد يعني بلاولي تحريڪ وارن 200 سالن کي هو ”مخدوم بلاول جون صديون“ سڏي ٿو. هن تحريڪ جو اثر سنڌ تي اڄ تائين قائم آهي. سائين جي. ايم. سيد جي جدوجھد ان بلاولي تحريڪ جو پڙاڏو آهي.


لفظ بلاولي تحريڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو