بلاولپور ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلع ڄامشورو جي تعلقي سيوهڻ ۾ ڳوٺ بلاول ويجهو آهي. هن ڍنڍ تي نالو بہ ڳوٺ بلاول تان پيو آهي. جيڪو هڪ قديمي تاريخي شھر آهي ۽ ڪنهن دور ۾ سنڌوءَ جو مشھور بند رهيو. چيو وڃي ٿو تہ هتان جا ٻيڙيون ٺاهيندڙ ڪاريگر سڄي سنڌ ۾ مشھور هئا. هن ڍنڍ ۾ جهجهي مڇي ۽ پکي مري ٿو .