بلاول شاھہ حسيني: سيد بلاول شاھہ ولد سيد بچل شاھہ حسيني 1925ع ڌاري لطيف سائينءَ جي نگريءَ، ڀٽ شاھہ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ۽ تربيت والد جي نگرانيءَ هيٺ ٿيس. پاڻ سٺو سماج سڌارڪ ۽ علم دوست انسان هو. ڀٽ شاھہ مڊل اسڪول جي قيام ۽ واڌاري ۾ ٻين معززين سان گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪيائين. سنڌي ثقافت، خاص ڪري ميلن ملاکڙن جي پروگرامن جو روح روان هوندو هو. سندس اوطاق هميشہ وسيل رهندي هئي. 25 آگسٽ 1979ع تي، ذيابيطس جي مرض سبب ڄامشوري اسپتال ۾ وفات ڪيائين .
1925.00.00 عيسوي
سيد بلاول شاهه 1925ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ ڄائو.