بلاول فائونڊيشن نوابشاھہ

بلاول فائونڊيشن، نوابشاھہ: هيءَ هڪ غيرسرڪاري ۽ غيرسياسي تنظيم آهي، جيڪا 3 سيپٽمبر 1995ع تي وجود ۾ آئي. ان جا مددگار انسان ذات جي خدمت ۽ معاشري جي ترقيءَ جو جذبو رکندڙ مخير حـضرات آهن. تنظيم کي ستن ميمبرن جو بورڊ هلائي ٿو. تنظيم جو مقصد انسان ذات جي ڀلائيءَ جا ڊگهي عرصي وارا اهڙا پروگرام آهن، جيڪي مسئلن جي پاڙ تائين پهچي، انهن جو هميشہ لاءِ خاتمو ڪري سگهن. ان ڏس ۾ هيل تائين تنظيم طرفان کنيل قدمن جو جائزو هن ريت آهي: (i) ٻھراڙيءَ جي آبادگارن کي زرعي ضرورتن، جھڙوڪ ٻج ۽ ڀاڻ وغيرہ خريد ڪرڻ ۾ مدد ڏني وئي آهي. (ii) غريب بيروزگار ماڻهن کي مالي مدد قرض جي صورت ۾ ڪئي وئي آهي. (iii) تعليم جي مَدَ ۾ مدد ڪئي وئي آهي. (iv) صحت جي مد ۾ ڪافي مدد ڏني وئي آهي. (v) يونيسيف اداري جي مدد سان 39 ڳوٺن ۾ ڪاڪوس خانا تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وئي. (vi) 22 ۽ 23 سيپٽمبر 1995ع تي معذور ماڻهن جي علاج لاءِ نوابشاھہ ۾ فري ڪئمپ لڳرائي ڪل 563 مريضن جو علاج ملڪي ۽ غيرملڪي ماهر ڊاڪٽرن کان ڪرايو ويو. (vii) نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ ٽريننگ ڏني وڃي ٿي. جھڙوڪ: ماحول کي آلودگيءَ کان بچائڻ لاءِ صفائي ۽ سٺائي رکڻ، ڀاڻ جا فائدا ٻڌائڻ ۽ منشيات جي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ وغيرہ. (viii) تنظيم طرفان نوابشاھہ ۾ انگريزي سيکارڻ جو سينٽر شام جي وقت ۾ هلندڙ آهي. (ix) هڪ پبلڪ اسڪول ۽ هڪ سائنس ڪاليج پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان سواءِ ڪجهہ پراجيڪٽ اڌ ۾ رهيل آهن، جن ۾ ڪميونٽي اسڪول، معذورن جي صحتيابيءَ لاءِ اسپتال، موبائيل اسپتال ۽ ٽي. بيءَ جي مريضن جو سينٽر وغيرہ اچي وڃن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو