بلاول فقير نائچ: بلاول فقير ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي اميرن مان هو. جڏهن نادر شاھہ جي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سال 1140ھہ/ 1727ع ۾ ڌاراجا جي راڻي جي اشاري سان جبل جي ماڻهن فساد ڪيو ۽ ٺٽي تي ڪاهي آيا، تڏهن ٺٽي جو حاڪم، ميان نورمحمد جي پاران مسو فقير هو، تنهن کي برطرف ڪري ميان بلاول فقير نائچ کي ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو .