بلاول پور بندر: هيءُ سنڌو درياهه جو حسين بندر، دادوءَ ضلعي جي هڪ ننڍڙي ۽ سهڻي ڳوٺ بلاول پور وٽ، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي هو. هيءُ ننڍو شهر هوندو هو، پر تڏهن به واپاري شهر هو. هتي جا هندو واپاري حيدرآبادي عاملن جو اولاد هئا. هن بندر جو مال شاهه بندر ۽ گهوڙاٻاريءَ تائين ڪونتلن (ٻيڙين جو قسم) تي کنيو ويندو هو. پر هن شهر جو وڌيڪ واپار ٻيڙين رستي حيدرآباد سان گهڻو ٿيندو هو. بلاول پور جو خطو، زرعي خطو هو. هتان اناج، تيلي ٻج، چڻا، مٽر، مڱ ۽ رانهان (چؤنرا) ڪافي انداز ۾ حيدرآباد ويندا هئا. بلاول پور جا ملاح ٻيڙيون ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هوندا هئا، جيڪي سومرن جي دور ۾ تمام گهڻن بندرن تي وڃي ٻيڙيون ٺاهيندا هئا. انهن ڪاريگرن مان عبدالله واڍو تمام ذهين ۽ هوشيار ڪاريگر هوندو هو. ٻيڙيون هر قسم جون ٺهنديون هيون: ڪونتل ٻيڙي، بتيلو، دنگي، ڪٽار، هڙهيو، گاليو ۽ ڊونڊي وغيره، انهن ڪاريگرن جو بنياد اڄ به بلاول پور ۾ موجود آهي. جيستائين بلاول پور، درياهه جي ڪپ تي هو، تيستائين بندر جي حيثيت سان قائم هو، پر درياهه هن بندر کي ڇڏي ويو ته پوءِ رڳو پتڻ وڃي رهيو. سوبه هاڻي ڪيترن سالن کان آمد ورفت جي سهوليت نه هئڻ ڪري بند آهي. بلاول پور شهر جي ڀرسان پراڻي دور جي وڏي ڍنڍ آهي، جنهن جو سلسلو اڃا تائين درياهه سان ڳنڍيل آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي ۽ سٺي ٿيندي آهي .