بلاول پور بندر: هيءُ سنڌو درياھہ جو حسين بندر، دادوءَ ضلعي جي هڪ ننڍڙي ۽ سھڻي ڳوٺ بلاول پور وٽ، سنڌو درياھہ جي کاٻي ڪپ تي هو. هيءُ ننڍو شھر هوندو هو، پر تڏهن بہ واپاري شھر هو. هتي جا هندو واپاري حيدرآبادي عاملن جو اولاد هئا. هن بندر جو مال شاھہ بندر ۽ گهوڙاٻاريءَ تائين ڪونتلن (ٻيڙين جو قسم) تي کنيو ويندو هو. پر هن شھر جو وڌيڪ واپار ٻيڙين رستي حيدرآباد سان گهڻو ٿيندو هو. بلاول پور جو خطو، زرعي خطو هو. هتان اناج، تيلي ٻج، چڻا، مٽر، مڱ ۽ رانهان (چؤنرا) ڪافي انداز ۾ حيدرآباد ويندا هئا. بلاول پور جا ملاح ٻيڙيون ٺاهڻ جا وڏا ڪاريگر هوندا هئا، جيڪي سومرن جي دور ۾ تمام گهڻن بندرن تي وڃي ٻيڙيون ٺاهيندا هئا. انهن ڪاريگرن مان عبدالله واڍو تمام ذهين ۽ هوشيار ڪاريگر هوندو هو. ٻيڙيون هر قسم جون ٺهنديون هيون: ڪونتل ٻيڙي، بتيلو، دنگي، ڪٽار، هڙهيو، گاليو ۽ ڊونڊي وغيره، انهن ڪاريگرن جو بنياد اڄ بہ بلاول پور ۾ موجود آهي. جيستائين بلاول پور، درياھہ جي ڪپ تي هو، تيستائين بندر جي حيثيت سان قائم هو، پر درياھہ هن بندر کي ڇڏي ويو تہ پوءِ رڳو پتڻ وڃي رهيو. سوبه هاڻي ڪيترن سالن کان آمد ورفت جي سهوليت نہ هئڻ ڪري بند آهي. بلاول پور شھر جي ڀرسان پراڻي دور جي وڏي ڍنڍ آهي، جنهن جو سلسلو اڃا تائين درياھہ سان ڳنڍيل آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي گهڻي ۽ سٺي ٿيندي آهي .