ُبُلبُل/ بربل پکي
ُبُلبُل/ بربل پکي
بُلبُل/ بربل: پکيءَ جو هڪ قسم. سنڌ ۾ هن پکيءَ کي ”ڀوري“ به چوندا آهن. هيءُ جهنگ جو هڪ ننڍڙو، جهرڪيءَ جيڏو ۽ اُن سان ملندڙ شڪل وارو پکي ٿئي ٿو. هن جي کنڀن ۽ پَرن جو رنگ ڪارسرو ۽ اڇاڻ تي مائل ٿئي ٿو. عام طرح سان هيءُ پکي باغن ۽ پوکن ۾ ملندو آهي، مگر سياري جي مند ۾ جهنگ ۾ به مليو وڃي. ٻوليون ڪندڙ پکين ۾ شمار ٿيندو آهي، جنھن کي ماڻهو پاليندا آهن ۽ ”ٽپا“ سيکــاري، هٿ تي ويھاريــندا آهــن. بلبل لاءِ چـوڻي مشھور آهي: ”چپي تي ويھارڻ“ يعني هٿ وس ڪرڻ، پنھنجي حڪم تابع ڪرڻ وغيره. بلبل مسافر پکين ۾ شمار ٿيندي آهي. سنڌ ۾ سياري جي موسم ۾ ايندي آهي. ايراني ۽ ترڪي ٻوليءَ جي شاعرن، هن رنگين ۽ سھڻي پکيءَ کي پنھنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڳايو آهي. سنڌ جي شاعرن به بلبل کي ايراني شاعريءَ جي لوازمات سان ٺهڪائي ڳايو آهي. ايران واريءَ بلبل جا پٺا ڳاڙها ۽ پيٽ اڇو ٿيندو آهي ۽ مٺو راڳ ڪندي آهي. جڏهن ته سنڌ واريءَ بلبل جا کنڀ ڪارسرا ۽ پيٽ اڇاڻ تي مائل ٿيندو آهي. انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته ايران واري بلبل ٻي آهي، جنھن کي اتي جي شاعرن ”بلبل هزار داستان“ ڪري ڳايو آهي. اها بھار جي مند ۾، ايراني گلاب جي خوشبوءِ تي مست ٿي وڃي ڪرندي آهي ۽ گل جي پاڙ ۾ موجود ڪنڊو (خار) سندس جسم ۾ چُڀي ويندو آهي ۽ مري ويندي آهي. بلبل چار يا پنج آنا ڏيندڙ پکي آهي. اُن جي خوراڪ ننڍا ننڍا جيت آهن ۽ ان سان گڏ اَن جا داڻا به چڳندي آهي. هن پکيءَ جي خوبين ۾ سندس مٺو آواز ۽ مٺيون لاتيون آهن. بھار جي موسم ۾ ان جو پرسوز آواز سڄي رات گونجندو رهندو آهي. پرهه ڦٽيءَ کان اڳ پھر کن لاءِ هن جي ٻوليءَ ۽ لات ۾ ڄڻ خوشيءَ جو اظھار ٿيندو آهي. هيءُ پکي گلاب جي گل جو عاشق آهي ۽ عاشق وانگر هن جي سرشت ۾ محبت جو جذبو سمايل آهي. تصوف جي ڪتابن ۾ بلبل جي خاص وصف بيان ڪئي وئي آهي ته هوءَ مست آهي ۽ گل جي عشق ۾ پنھنجو وجود فنا ڪريو ڇڏي. سعدي شيرازيءَ جو چوڻ آهي ته ”بلبل انهيءَ ڪري فريادي آهي، جو هن تازو هاڻي محبت ڪرڻ سکي آهي.“ سعديءَ جي نظر ۾ ”بلبل دراصل بھار جي نقيب آهي“. اهو به خيال آهي ته ”بلبل کي سندس مٺڙين لاتين جي ڪري پڃري ۾ بند ڪيو ويندو آهي.“، ليڪن ٻئي شاعر جي خيال ۾ ”بلبل کي پنھنجي فرياد ۽ آزين جي ڪري قيد ڪبو آهي، ته جيئن هوءَ پنھنجي آزاديءَ کان محروم ٿي وڃي.“ سنڌ ۾ هن ننڍڙي پکيءَ کي افغانستان جي ٻٽير وانگر وڙهڻ سيکاريندا آهن. ان ڪم لاءِ نر پکي چونڊيو ويندو آهي. پھريان ان کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا آهن، پوءِ ان کي اٺ- ڏهه ڪلاڪ بک ڏيندا آهن، ته جيئن سڏ تي اچڻ سکي. ان بعد ڪوڏيءَ کي ٿورو اٽو لائي بلبل کي شيون جهٽڻ سيکاريندا آهن. انهيءَ وقت ان کي چورمو يا چٻاڙيل ڀڳڙا کارائيندا آهن. ويڙهائڻ وقت ٻن بلبلين جي وچ ۾ ڪا کاڌي جي شيءِ اڇلائيندا آهن ته هو هڪٻئي سان ڳنڍجي وينديون آهن. سندن مالڪ کين آڱر ڏيئي ڀڙڪائيندا آهن. بلبل ويڙهو پکي نه آهي. هو فقط چھنب ڪم آڻيندو آهي، جنھنڪري اهي ورلي مرنديون آهن. بلبل جي ويڙهه تي شرطون قسمت سان رکندا آهن. کٽڻ واري کي، فقط هار وارو پکي ملندو آهي. ڇوڪرا انهيءَ رونشي جا ڪوڏيا هوندا آهن. هنن مختلف پکين ۽ انهن جي وڙهڻ ۽ ٺونگي هڻڻ جي نموني وغيره کي سڃاڻڻ لاءِ ڪيترائي خاص لفظ ۽ محاورا ايجاد ڪيل آهن. عبدالحق ”حامد“ جي خيال ۾ ”بلبل صبح جو اذان ڏئي ٿي. هن جو آکيرو اونداهيءَ ۾ حب الوطنيءَ جي علامت آهي. هن جون لاتيون عشقيہ قصيدن لاءِ نموني طور ڪم اچن ٿيون. هيءَ خدا جو شاعر آهي. هن جا قصيدا فطرت جي ورقن مان پڙهيا ويندا آهن“. ”سڻ ڀوريءَ جي ڀڻڪار، سڻ چتونءَ جي چونگار“ سنڌ جي هڪ مشھور عشقيه ۽ رومانوي داستان ”ڦل وڌوئو ۽ ڀوريءَ“ جي سورميءَ جو نالو ”ڀوري“ هو. بلبل جو هڪ ٻيو قسم ٿاريلي بلبل (Red-vented Bulbul / Pycnonotus cafer) آهي. هيءَ بلبل 20 سينٽي ميٽر جسامت جي ٿئي ٿي. هن جي پُٺيءَ جو رنگ گهرو ٽِڪ ناسي ٿئي، هن کي ڪاري هلڪي ناسي سِسيءَ تي ننڍڙي چوٽي ھوندي آهي. پڇ ڳاڙهو ۽ پُڇ جي چوٽي اڇي ٿئيس. هيءَ بلبل ڊڄڻي طبيعت جي نه آهي ۽ ماڻهن سان جلدي هِري وڃي ٿي، اڪثر ماڻهو هن کي هٿ تي پاليندا به آهن. هيءَ بلبل سڄي اپکنڊ ۾ ٿئي ٿي، پر بلوچستان ۽ سرحد ۾ ڪانه ٿئي. هر علائقي جي مند آهر سڄي سال ۾ ڪنھن به وقت افزائش نسل ڪري ٿي ۽ زمين کان مٿي (هڪ کان نَو ميٽر) اوچائيءَ تي وڻن ۾، ٻوڙن ۾ يا عمارتن ۾ آکيرو ٺاهيندي آهي. هن جي ٻولي ايئن محسوس ٿيندي آهي، ڄڻ خبرداريءَ جو اطلاع ڏيندي هجي ”بُربل ... بُربل ...“ انگريز ان لاءِ چون ٿا، جو ڄڻ ته اها چوي ٿي: ” Be quick …. Be quick يا Be-care-ful“.