بلخ

بلخ: بلخ درياھہ آمو (جيحون) جي ڪناري افغانستان جو هڪ قديم ترين شھر آهي. قديم زماني ۾ هيءُ بڪتيريا (باختر) جو تخت گاھہ هو ۽ ان کي وڏي اهميت حاصل هئي. ڪجهہ وقت ان تي ايران بہ قابض رهيو. ان کان اڳ هيءُ ايران جو صوبو بہ رهيو. ٻڌايو وڃي ٿو تہ آتش پرستن جي باني زردشت هن شھر ۾ پيدا ٿيو هو. ان کانپوءِ هيءُ شھر ٻڌمت جو مرڪز بہ رهيو. 653ع ۾ هن شھر تي عربن قبضو ڪيو. 1221ع ۾ چنگيز خان هن شھر کي تباھہ ۽ برباد ڪيو. پراڻي شھر ڀرسان بلخ جو نئون شھر آباد ڪيو ويو آهي. جيڪو تجارت ۽ زراعت جو وڏو مرڪز آهي. هتان جا رهواسي اڪثر ازبڪ آهن. هن شھر جي آدمشماري 35000 ٿيندي.


لفظ بلخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو