بلد

بلد، سورة: قرآن پاڪ جي 90 سورة، جيڪا هڪ رڪوع ۽ 20 آيتن تي مشتمل آهي ۽ مڪي ۾ نازل ٿي. بلد شھر کي چوندا آهن ۽ البلد مان مراد آهي مڪو شريف. هن سورة ۾ ٻڌايل آهي تہ هي دنيا انسان لاءِ آرام واري جڳھہ ناهي، جو هو صرف عيش ڪندو رهي، بلڪ هن دنيا ۾ سندس پيدائش آزمائش خاطر ٿي آهي. ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي تہ تعاليٰ انسان کي علم جي ذريعي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ڏئي، ان جي سامهون برائي ۽ ڀلائيءَ جا ٻئي رستا رکيا آهن. آخر ۾ ٻڌايل آهي تہ اهو رستو جنهن مان گذري ماڻهو بلنديءَ طرف وڃي سگهي ٿو، اهو هي آهي تہ انسان رياڪاري ۽ ڪوڙي ناموس تي خرچ ڪرڻ ڇڏي، پنهنجو مال يتيمن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪري. تعاليٰ تي ايمان آڻي ۽ ايمان وارن سان شامل ٿئي، خدا جي خلق تي رحم ڪري ۽ ٻڌايو ويو آهي تہ جيڪو بہ اهو رويو اختيار ڪندو آهي، اهو جي رحمت جو مستحق آهي ۽ جيڪو ان جو مخالف رستو اختيار ڪري ٿو، اهو جھنم جي باھہ جو حقدار آهي.


لفظ بلدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو