بلند شاھہ

بلند شاھہ: ڪافين جو مشھور شاعر، سيد بلند شاھہ، ڳوٺ باگهاڻي، تپي لاڏين، تعلقي شاھہ بندر، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. لاڙ ۾ سندس نالو تمام گهڻو مشھور آهي. شاعري کيس ورثي ۾ ملي. سندس ڏاڏو بہ قابل قدر شاعر هو، پر سندس ڪلام هن وقت اڻ لڀ آهي. بلند شاھہ جو ڪلام پوين جي بي توجهيءَ سبب گم ٿي ويو. بلند شاھہ ڪافيون ۽ بيت چيا آهن. فطرت جي منظرن، برسات جي نظارن، وڄڙين جي وسڻ جا ويس، گل ڦل ۽ گاهن جون گلزاريون، محبوب جي حسن، اکين جي تعريف ۽ اهڙن ٻين مضمونن کي بلندشاھہ گهڻو ڳايو آهي. نموني طور سندس ڪافين جا ڪجهہ ٿلھہ هيٺ ڏجن ٿا:
سارنگ سانوڻ لايا وي ،
الا! رم جهم بادل ڪيا بهارا
اهڙيون سڄڻ تنھنجون اکيون ،
توبھہ، ترارين کان تکيون
ڪهڙو آرام اچي انهن کي ،
جن کي دوست جاڳايو .


لفظ بلند شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو