بلهي شاهه

بلهي شاهه

بلهي شاھہ

بُلهي شاھہ: بابا بُلهي شاھہ پنجابي زبان جو مشھور شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو سيد محمد عبدالله شاھہ هو، پر درويشيءَ ۽ بزرگيءَ جي ڪري، ’بُلهي شاھہ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس والد سخي محمود ”اُچ گيلان“ (بھاولپور) کان ملڪوال ۾ آيو، جتان ”پانڊو“ ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جيڪو قصور ۾ آهي. بُلهي شاھہ اتي ئي جنم ورتو. (ڪن روايتن موجب اُچ شريف ۾ ڄائو هو) بُلهي شاھہ جي ڄم جو سال 1104ھہ/ 1692ع ڄاڻايو وڃي ٿو، پر ڪجهہ محققن جي خيال موجب بُلهي شاھہ 1103ھہ/ 1691ع ۾ ڄائو هو. سندس نسبي سلسلو چوڏهين پيڙهيءَ ۾ حضرت پير عبدالقادر جيلانيرح سان وڃي ملي ٿو. بُلهي شاھہ جو والد پنھنجي وقت جو وڏو عالم هو. هن پٽ کي پڙهائڻ سان گڏوگڏ مال چارڻ جو ڪم بہ سندس حوالي ڪيو. جيتوڻيڪ بُلهي شاھہ جي تعليم بابت مستند احوال نٿو ملي، پر سندس استادن ۾ سندس والد کان سواءِ ٻن عالمن مخدوم غلام محي الدين ۽ خواجہ غلام مرتضيٰ جا نالا ورتا وڃن ٿا. بُلهي شاھہ جي ڪلام مان پتو پوي ٿو تہ پاڻ عربيءَ ۽ فارسي ٻوليءَ ۽ ادب کان سٺي نموني واقف هو. بُلهي شاھہ وارو دؤر مغل سلطنت جي زوال وارو دؤر هو. ان دؤر ۾ اندروني خانہ جنگيءَ سبب پنجاب تي برا اثر پئجي رهيا هئا، جنهن جو اظهار هن پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي:
منهن بارهوين صدي پساريا ،
سانون هاويي دوزخ ساڙيا .
جيئن تہ بُلهي شاھہ جو مزاج صوفياڻو هو، جنهن سندس حساس طبيعت ۾ اضطراب پيدا ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ مرشد جي ڳولا ۾ نڪري پيو. آخر لاهور ۾ پير عنايت شاھہ (آرائين) قادري شطاريءَ جي آستاني تي کيس قلبي سڪون حاصل ٿيو سندس مريد ٿي، 30 سال سندس خدمت ۾ اتي ئي گذاريائين. هو پنھنجي روحاني جدوجھد ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو، جو سڄي عمر شادي نہ ڪيائين. ڄمار جو ڪجهہ حصو بهاولپور، قصور، لاهور ۽ بٽالي جي علائقن ۾ رهيو. مرشد جي وفات کان پوءِ پاڻ واپس قصور ۾ آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. قصور ۾ سندس مزار تي هر سال محرم جي مهيني ۾ عرس ٿيندو آهي. بلهي شاھہ جي وفات جو سال 1171ھہ/ 1757ع ڄاڻايل آهي .
بُلهي شاھہ هڪ مقبول عام صوفي شاعر هو. جيئن تہ ان وقت ملتان وارو علائقو سنڌ ۾ شامل هو، ان ڪري جيئن سنڌ جي صوفياڻي شاعري ملتان طرف مشھور هئي، تيئن بُلهي شاھہ جي شاعري بہ سنڌ وارن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هونئن بہ بُلهي شاھہ جي شاعريءَ جا سرچشما اهي ساڳيا ئي هئا، جيڪي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جا هئا، يعني قرآن، حديث، اسلام، تصوف ۽ ويدانت وارو فلسفو. اهوئي سبب آهي جو صوفياڻي ثقافت جي حوالي سان بُلهي شاھہ جو ڪلام سنڌ جي ذڪر ۽ فڪر وارين محفلن ۾ ڳائجڻ لڳو. سندس ڪلام اڄ بہ سنڌ ۾ مقبول ۽ معروف آهي. سنڌ جو هر وڏو ۽ ننڍو فنڪار بلهي شاھہ کي عقيدت سان ڳائيندو آهي .


لفظ بلهي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو