بلوچي ادب

بلوچي ادب: لسانيات جي ماهرن جي راءِ موجب بلوچي ٻولي فارسي ٻوليءَ جي هڪ شاخ آهي، جيڪا موجودہ فارسيءَ کان اڳ رائج هئي، پر بلوچ محقق اها ڳالھہ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهن. اصل ۾ بلوچيءَ جو ڪرد زبان سان گهرو تعلق آهي. بلوچي ٻولي وسيع علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ زبان بلوچستان کان علاوہ سنڌ، پنجاب ۽ سرحد جي ڪجهہ خطن ۾ پڻ ڳالهائي ويندي آهي. پاڪستان کان ٻاهر ايراني بلوچستان، ايراني نار جي رياستن، مسقط، دبئيءَ، ابوظهبيءَ، قطر ۽ بحرين کانسواءِ ڪردستان ۽ وچ ايشيائي رياستن ۾ بہ بلوچي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. پاڪستان ۽ ايران ۾ بلوچي ڳالهائيندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي. بلوچي زبان ۾ ڪيترائي لهجا آهن، جن ۾ ايران، پاڪستان، افغانستان، ترڪستان ۽ روس جا باشندا ڳالهائين ٿا. بلوچي ٻوليءَ جي ادب کي چئن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ رند دؤر (1430ع کان 1630ع تائين)، ٻيو خوانين دؤر (1630ع کان 1850ع تائين)، ٽيون برطانوي دؤر (1850ع کان 1947ع) ۽ چوٿون همعصر يا جديد دؤر، جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڳڻيو ويندو آهي. پهرئين دؤر ۾ رزميه داستانن تي مشتمل ادب زياده آهي. سردار اعظم، مير چاڪر رند، مير جمال رند، مير شھداد ۽ شاهمراد وغيرہ هن دؤر جا نمائندا آهن. ٻئي دؤر ۾ خان عبدالله خان، جيئند رند، محمد خان گشڪوريءَ ۽ مٺو خان رند وغيرہ جا نالا اچن ٿا. ٽئين دؤر ۾ ملان فضل، قاسم رند، مست توڪلي، رحم علي، بھرام جکراڻي، اسماعيل پُل آبادي ۽ حضور بخش جتوئي وغيرہ اچي وڃن ٿا. جديد دؤر ۾ خيرمحمد ندوي، آزاد جمالديني، امان گچڪي، مير گل خان نصير، حسين عنقا، عطا شاد، شيرمحمد مري، ظھور هاشمي، صورت خان مري، غوث بخش صابر، نعمت گچڪي، مراد ساحر، سليم خان گمي، عزيز بگٽي، مڍاخان مري، عبدالله جان جمالديني، ملڪ محمد پناھہ ۽ عبدالڪريم شورش وغيرہ جا نالا قابل ذڪر آهن. بلوچي ادب جي صنف ۾ مضمون، افسانا، سفرناما، ڊراما، مزاحيہ ادب، تحقيق، تنقيد، تاريخ، بيت، هائيڪو ۽ نثري نظم سميت نثر ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيو وڃي ٿو .


لفظ بلوچي ادبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو