بلوچي شعري ادب: جيتوڻيڪ بلوچي زبان، قديم ترين زبانن مان هڪ آهي، پر اُن هوندي بہ بلوچي ادب مرتب حالت ۾ دستياب نہ آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾، بلوچستان جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو دخل ضرور آهي، ڇوته بلوچ، ماضيءَ ۾ گهڻي عرصي تائين هڪ ئي جڳھہ تي ٽڪي نہ سگهيا آهن ۽ وادي، پاڻي ۽ چراگاهن جي جستجوءَ ۾ يا قبيلائي جهيڙن ڪارڻ لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن. جڏهن تہ وري غيرملڪي قومن جي خارجي مداخلت بہ جاري رهي، جنھنڪري بلوچ قوم، سماجي ۽ تعليمي پيش رفت ڪرڻ کان محروم رهي. تعليمي پسماندگيءَ ۾، زبان جي ترقي ۽ ترويج ممڪن نہ ٿي سگهي، تنھنڪري بلوچي ٻوليءَ ۾ تعميري تخليقي صلاحيتون پڻ اُسري نہ سگهيون. بلوچي زبان تحريري صورت ۾ نہ آئي ۽ نہ ئي بلوچي شاعرن، پنھنجي پويان ڪو بياض ڇڏيو، بلڪہ سندن بياض سيني بسيني منتقل ٿيندا آيا. هن وقت بلوچي زبان، تحريري زبان بڻجي وئي آهي ۽ سندس ترقي ۽ ترويج جو ڪم مسلسل روان آهي. بلوچن جي تاريخ جي سلسلي ۾، جيڪا اهميت شاعريءَ کي آهي، اها ڪنھن ٻي صنف کي ملي نہ سگهي آهي. بلوچي شعري سرمايي جي ابتدا رند ۽ لاشاري قبيلي جي تاريخي دؤر کان شروع ٿئي ٿي. اهو دؤر پندرهين صديءَ جي آخر ۽ سورهين صديءَ جي ابتدا تائين آهي. ان دؤر جي شاعرن ۾، شاھہ عيسيٰ، شاھہ مريد ۽ بيڊگ ئي مشھور آهن، جڏهن تہ ڪجهہ نظم ٻيا بہ مليا آهن، جن جي شاعرن جو ڪو پتو نہ پئجي سگهيو آهي. مجموعي طور تي اهو بلوچي شعر جو اعليٰ دور ڪوٺيو وڃي ٿو. قديم دؤر جي شاعري، پنھنجي شاعرانه دلڪشيءَ ۽ گوناگون ڪمالات جي ڪري بي مثال هئي، پر ٻئي دؤر ۾ پڻ قادرالڪلام شاعر ٿي گذريا آهن. بلوچستان جي مغربي بلوچيءَ ۾ ملا فضل، ملا خدابخش، ملا قاسم، ملا عزت بيگ نيگوري، ملا بوهير، ملا ابراهيم، مُلا بھادر، ملا عبدالنبي، ملڪ دينار، ملا خان چاڪر، شاهو رند، سعيد زنگي، ملا فيض محمد، مُلا اسماعيل ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر آهن، جن جو ڪلام مليو آهي، جڏهن تہ مشرقي بلوچي ۾ ڄام درڪ، بانڪ سيمڪ، مست توڪلي، رحم علي مري، الاچ، بجار حري، بھرام مهڪراڻي ۽ ٻين شاعرن جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن شاعرن مان ڪيترائي، مدرسن مان فارغ التحصيل آهن، ان ڪري سندن شاعريءَ تي فارسيءَ جو اثر نمايان آهي. 20 صدي عيسويءَ جي بلوچي شعري ادب ۾ پاڙيسري زبانن جو وڏو اثر ڏٺو ويو آهي. هن دؤر ۾، مير گل خان نصير، عبدالواحد آزاد جمال ديني، محمد حسين عنقا، ظھور شاھہ هاشمي، عبدالحڪيم حقگو، مراد آواراني، مولوي خيرمحمد ندوي، مولانا محمد حسين عاجز، شوڪت صحرائي، عبدالله آدم حقاني، مراد ساحر، ملڪ محمد رمضان، حاجي عنايت ﷲ قومي، عبدالرحمان غور، ميربخش قومي، نورمحمد همدم، گل محمد، دوست محمد بيڪس ۽ ٻيا شاعر قابلِ ذڪر آهن. جڏهن تہ قيام پاڪستان کان پوءِ، عطا شاد، غوث بخش صابر، اڪبر بارڪزئي، محمد هاشم، اشرف سربازي، احمد جگر، مومن بُزدار، مجيد گوادروي، فضل مشتاق، راجا عبدالحق حقاني، يارمحمد ۽ ٻيا شامل آهن. انهن مان عطا شاد، ترقي پسند بلوچي شاعرن مان سرفھرست آهي. هو هڪ ئي وقت اردو ۽ بلوچيءَ ۾ شاعري ڪري ٿو. هن ئي بلوچيءَ ۾ آزاد نظم کي سڀ کان اول متعارف ڪرايو. هن وقت بلوچي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نالا اهميت جوڳا آهن، جڏهن تہ انهن ۾ ظفر علي ظفر، بشير بيدار، ابراهيم عادل، غوث بھار، انور ساجدي، يوسف عزيز، ڊاڪٽر علي دوست، عبدالسلام عارف ۽ ٻيا ذڪر لائق آهن. بلوچي شاعري، هن وقت، ٻين علاقائي زبانن جي شاعريءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو اچي، جيڪا پڪ سان بلوچي زبان جو اولين ذخيرو ثابت ٿيندي.