
تاج بلوچ
بلوچ، تاج:سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر تاج بلوچ جو پورو نالو تاج محمد بُلو (جتوئي) آهي، جڏهن تہ ادبي دنيا ۾ تاج بلوچ جي نالي سان مشھور آهي. هن ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾25 مئي 1940ع تي جنم ورتو. خزاني کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾ ٽريزري آفيسر رهيو. تاج بلوچ جو شمار غزل ۽ نظم جي بھترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس شاعري جا چار مجموعا ڇپيل آهن: (1) ’درد جو صحرا‘(1970ع)، (2) ’خوشبو جو زهر‘ (1987ع)، (3) ’لفظن جو ماتم‘ (1994ع)، (4) ’دل جزيرو اداس موسمن جو‘ (2004ع). تاج بلوچ جي فن تي ٽماهي مهراڻ جي ’سوانح نمبر 1990ع‘ ۾ مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته، ”تاج بلوچ جي تخليق (شاعري) ۾ اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ بھترين غزل گو شاعر لاءِ لازم ٿي سگهن ٿا. سندس انداز بيان ۾ شوخي، دليري، بيباڪي، پختگي ۽ برجستگي آهي. تاج فني نقطئه نگاھہ کان جماليات ۽ خمريات جو شاعر آهي، سندس فن ۾ قديم ۽ جديد خيالات ۽ فن جي آميزش آهي. ننڍن بحرن ۾ سندس دل ۾ چڀندڙ بيتن ۾ عجيب جنبش آهي.“تاج بلوچ سنڌ جي مشھور ادبي رسالي ماهوار ”سوجهري“ جو چيف ايڊيٽر آهي، جنهن جا 100 کان مٿي پرچا ڪڍي چڪو آهي. تاج بلوچ جي وفات 5 جون 2020ع تي ٿي.
1940.05.25 عيسوي
تاج بلوچ، ڳوٺ سردار محمد مراد خان بلي ۾ 25 مئي 1940ع تي جنم ورتو.