ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي

بلوچ، ڊاڪٽر عبدالحئي: ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، بلوچستان جو ناميارو سياستدان آهي. حئي بلوچ ڳوٺ ڇلگري ضلعي بولان ۾ پهرين فيبروري 1946ع تي ڄائو. هو 1970ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. هن ايم. بي. بي. ايس ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ شاگرد سياست ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هي بي. ايس. او جو چيئرمين پڻ رهيو. 1988ع وارين چونڊن ۾ بلوچستان نيشنل موومينٽ جي جهنڊي هيٺ بي ايس او جي پراڻن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گڏ ڪري چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ هن جماعت بلوچستان ۾ گڏجي حڪومت پڻ ٺاهي. هو بعد ۾ سينيٽر پڻ رهيو. هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اثر هيٺ پڻ رهيو. ٽن ننڍن صوبن جي قوم پرستن جي ٺهندڙ مختلف اتحادن ۾ پڻ شامل رهيو. هيءُ مشھور سياسي اتحاد ’پونم‘ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.02.01  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ڳوٺ ڇلگري ضلعي بولان ۾ 1 فيبروري 1946ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر غلام علي نانا
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
ڏاتو کهاوڙ
جمعو شيدي 2
آغا جعفر علي خان
شيام داس جوشي
عبدالرحيم ڪلهوڙو ميان
ڄام راول
ابن حوقل
ڀٽي اورنگزيب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون