بلو کوسو ۽ بلي جي بٺي

بلو کوسو ۽ بلي جي بٺي: سيوهڻ شهر کان مسافري ۽ واپاري واٽ، جيڪا شاهه لاهوت، نوراني ۽ مڪران کان ٿيندي ايران ڏانهن وڃي ٿي، ان قديم ۽ مکيه شاهراهه تي جهانگارن کان اٽڪل ٽن ميلن جي مفاصلي تي واٽ جي ڏکڻ طرف هڪ ننڍي ٽڪري واقع آهي، جنهن مٿان ڪي پنج قبرون ۽ پنج ٺل پٿرن جا ٺهيل آهن. ان ٽڪري جي اتر ۾ هڪ برساتي ڍوري جو پيٽ آهي، گهڻي برسات ۾ ان ڍوري جو تيز وهڪرو ٽڪريءَ کي کائيندو رهي ٿو. ان ٽڪري جو نالو ”بلي جي بٺي“ آهي. چون ٿا ته بلو ذات جو کوسو (بڊاڻي) ۽ پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. سڄي تر ۾ پنهنجي ۽ ڀائرن جي بهادريءَ ۽ سخا جي ڪري مشهور هو. آس پاس جا ڳوٺاڻا فيصلي لاءِ وٽس ايندا رهندا هئا. هر آيل مسافر ۽ واٽهڙوءَ کي مانيءَ ڀور ضرور آڇيندو هو. بلو پاڻ وڏي ڏيا وارو، جانٺو ۽ ويڙهو مڙس هو. ان ڪري تر ۾ ساڻس کؤنس ڪرڻ وارو ڪوبه نه هو، هارپو ڪرڻ، مال پالڻ ۽ شڪار ڪرڻ سندس پيشو ۽ محبوب مشغلا هئا. بلي جي ڀائرن جا نالا علي خان، احدي، جهنڊو ۽ ميانداد هئا. سندس پيءُ جو نالو عرضي هو. ڪنهن لوڪ شاعر سندس باري ۾ هيٺيون شعر چيو آهي:
پنج پٽ عرضيءَ جا، پنجئي ساماڻا شينهن ،
اٿن شوق شڪار جو، گهمن راتيان ڏينهن ،
بلي جهڙا شينهن، مري مور شهيد ٿيا .
هڪ ڀيري ڪنهن غير قبيلي جي مائيءَ بلي جي اچي سام ورتي، مائيءَ جا وارث بلي وٽ آيا، بلي انهن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ۽ چيائين ته نينگر منهنجي سام ورتي آهي. جيڪڏهن اوهان سان پنهنجي رضا خوشيءَ سان هلي ته مان سرهو ٿيندس. باقي زوريءَ ٻانهن ڪڍي نه ڏيندس جو مان سام ڏئي چڪو آهيان. مائي وارثن سان ڪا نه وئي. مائيءَ جا وارث پوءِ ڪاوڙ ۾ اٿي کڙا ٿيا ۽ بلي تي زور آندائون ته ٻانهن ڪڍي ڏي. بلي انڪار ڪيو. مائيءَ جا وارث پوءِ فيصلو تلوار تي ڇڏي، بلي کي تاريخ ڏئي ويندا رهيا. تاريخ واري ڏينهن بلي جا ڀائر سندن هڪ جگري دوست سائينداد نوحاڻي ۽ ٻيا سڀ ڳوٺ کان ٻاهري نڪري، ڳمراچ نئن جي اوڀر ۾ هڪ پوٺي تي ٿي بيٺا. بلو پاڻ پوٺي جي اتر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي وڃي بيٺو. جيڪا گس تي اٽڪل ميل کن پري هئي .
ٻي ڌر به سياڻي هئي. اهي ولو ڪري، پهرين اچي ڳوٺ مٿان ڪڙڪيا. مايون ۽ ٻارڙا خوف ۽ هراس سبب وٺي ڀڳا. اتي فقط سام آيل عورت تلوار سان ويرين جو مقابلو ڪيو ۽ پيش پوڻ بدران مارجي وئي. ويرين انتقام سبب سڄي ڳوٺ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. هوڏانهن دانهن تي بلي جي ڀائرن مخالف ڌر کي طعنا ڏئي للڪاريو، پوٺي مٿان رت ريلا ڪري وهي هليو، بلو به ٽڪريءَ تان ٽپا ڏيندو، اچي جنگ ۾ شريڪ ٿيو. کوسن جي مقابلي ۾ بروهين، شاهاڻين ۽ لُنڊن، جمالين جي مدد ڪئي. اهي همراهه تعداد ۾ تمام گهڻا هئا، جنهنڪري بلي، سندس ڀائرن ۽ نوحاڻي سردار تي سوڀ پاتائون. چئني ڀائرن ۽ نوحاڻي سردار جون قبرون ان بٺيءَ مٿان سالم حالت ۾ بيٺيون آهن. چون ٿا ته ان سام پيل عورت جي قبر به انهن قبرن جي اتر اوڀر ۾ ٺهيل هئي پر ٽڪريءَ جي کاڌ ڪري ڊهي وئي. تر وارن قبيلن انهن سورمن جي ياد ۾ پنج گول منارا (ماهيون) به ان بٺيءَ مٿان ٺهرايا، جيڪي سالم حالت ۾ موجود آهن. بلي کوسي ۽ جنگو جماليءَ جي جنگين جون مختلف چوڻيون ۽ ڪهاوتون ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”جنگ نامي“ ۾ قلمبند ڪيون آهن .
بلي جي ان بٺيءَ جي اتر- اولهه ۾ ننڍڙن ننڍڙن پٿرن جون ننڍيون ننڍيون ڍڳڙيون آهن، جيڪي اٽڪل ميل کن پنڌ پري هڪ ٽڪري تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مقامي طور چيو وڃي ٿو ته اهي ڍڳڙيون بلي جي قدمن مٿان نشان طور رکيون ويون آهن. اهي ڍڳڙيون سالن کان وٺي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، مگر انهن مان ڪنهن به ڍڳڙيءَ کي نه هٽايو ويو آهي ۽ نه پٿرن سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. اهي ڍڳڙيون حقيقت ۾ بلي جي بهادريءَ ۽ ”سام تان سر ڏيڻ“ سبب عقيدت جي اظهار جو هڪ انوکو مثال آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو