بليدي

بُليدي: بلوچ قوم جو هڪ قبيلو، جيڪي پاڻ کي بڙدي بہ چوندا آهن. اهي مير عالي ولد هرين جي اولاد مان آهن، جيڪو مير جلال خان جو ٻيو نمبر ڀاءُ هو. هنن تي ”بليدي“ نالي پوڻ جو سبب، قلات رياست (بلوچستان) جي ديھہ ”بُلو“ آهي، جتي هيءَ ذات اڪثريت ۾ اچي آباد ٿي. ديھہ بُلو ۾ رهڻ ڪري هنن کي ”بُلي ديهي“ يعني ”بُلي ديھہ وارا“ سڏيو ويو. اهو ”بلي ديهي“ لفظ اڳتي هلي ”بليدي“ بڻجي ويو. هن وقت بليدين جي اڪثريت، جيڪب آباد ضلعي جي ڪنڌڪوٽ واري علائقي ۾ آباد آهي. ان کانسواءِ هن قبيلي جا ماڻهو بلوچستان، صوبي سرحد ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ بہ پکڙيل آهن. هر بلوچ قبيلي وانگر هنن وٽ بہ سرداري نظام آهي. هنن جون 51 ذاتيون، پاڙا ۽ نکون آهن. مثلاً: مغيري، عمراڻي، مستوئي، عارباڻي، ڪٽوهڙ ۽ سخيراڻي وغيرہ .


لفظ بليديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو