بنات الاسلام: حيدرآباد شھر جي ميمڻ محلي جو مشھور نياڻين جو اسڪول، جنهن جو بنياد 1940ع ڌاري سنڌي مسلم سوسائٽيءَ پاران، هالن جي مشھور علمي ادبي شخصيت مخدوم غلام حيدر صديقي رکيو هو ۽ هن اسڪول جي بنياد رکڻ واري تقريب ۾ ان وقت جو وزير تعليم ۽ ليبر سائين جي.ايم.سيد بہ شريڪ ٿيو هو. ڪجهہ سال اڳ حيدرآباد جي ڪجهہ بلڊرن هن اسڪول کي ڊاهي پلازائن ٺاهڻ جو منصوبو رٿيو هو، پر سنڌ جي سڄاڻ شخصيتن ان جي خلاف آواز بلند ڪري، هن تاريخي اسڪول جي حيثيت بچائي ورتي .