بنات المسلمين
بنات المسلمين: ڪراچيءَ شھر ۾ آرٽلري ميدان وارو هڪ مدرسو. اُن جو بنياد 1330ھہ/ 1911ع ڌاري، دهليءَ ۾ مولانا عبدالستار رکيو، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ مدرسي کي ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو. هتي پرائمري تعليم، قرآن شريف جو ترجمو ۽ عربي زبان پڙهائڻ لاءِ بندوبست ٿيل آهي. مدرسي جي عمارت ذاتي آهي .