بنارس

بنارس: هيءُ شھر ڏکڻ اوڀر اتر پرديش (ڀارت) ۾ گنگانديءَ جي ڪناري تي آباد آهي. ڇهين صدي ق. م کان هندن جو عظيم مرڪز رهندو اچي. ٻڌ مت ۽ جين مت وارا بہ هن کي مقدس تصور ڪندا آهن. هر سال هتي ياترا لاءِ 10 لک ماڻهو ايندا آهن. سونهري مندر (1777ع) ۽ اورنگزيب عالمگير جي تعمير ڪيل عظيم الشان مسجد هتي واقع آهي. هي ڪارخانن جو شھر آهي، جن ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا، خصوصاً زرتار ريشمي ڪپڙو، پتل جي سامان جا ڪارخانا مشھور آهن. هتي هندو يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن شھر جو قديم نالو ”ڪاشي“ آهي، جنهن کي ”وارا ناسي“ بہ چوندا آهن. هتي هندن جو وڏو تيرٿ، ”ڪاشيءَ“ جي نالي سان موجود آهي. هندن جي خيال ۾ اهو ”رام“ جي جنم ڀومي آهي. بنارس جو ڪپڙو ۽ ساڙهيون مشھور آهن. خيرپور شھر ويجهو ’بنارس ڪالوني‘ آهي، جتي بنارسي ڪپڙو ۽ ساڙهيون ٺهنديون آهن. اهڙي ساڳي ڪالوني ڪراچيءَ ۾ بہ آهي. انهن ڪالونين ۾ بنارس مان لڏي آيل ڪاريگر ۽ انهن جو اولاد اهو ڪم ڪندا آهن. شاعرن بنارس جي صبح کي پنھنجي شاعريءَ ۾ تشبيهي طور ’صبح بنارس‘ چئي ڪم آندو آهي، ڇوته بنارس جو صبح ۽ اوڌ جي شام نهايت خوبصورت ٿين ٿا .


لفظ بنارسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو