بنجو آبشار

بنجو آبشار: هي آبشار جوهي تعلقي ۾ ٽنڊي رحيم خان شھر ويجهو ڏکڻ ۾ واقع پير گاجي شاھہ جي مزار جي اولھہ ۾ کير ٿر جي اوچائي تان ايامن کان وهندو پير گاجي شاھہ جي مزار هيٺيان هزارين ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو. سنڌ جو هي خوبصورت آبشار هڪ قديم تيرٿ ۽ آستان آهي، جتي شوِ جي پوڄا ۽ قرباني جي رسم ادا ڪئي ويندي هئي. هي آبشار پير گاجي شاھہ جي مزار جي هيٺاهين واري علائقي لاءِ هڪ وڏي نعمت ثابت ٿيو آهي، ڇو تہ هن علائقي ۾ زرعي مقصدن لاءِ ڪو ٻيو پاڻيءَ جو ذريعو نہ آهي. هن کي”گاجي شاھہ جي واهي“ پڻ چيو ويندو آهي، اهو آبشار پير گاجي شاھہ ميلي ۾ شريڪ لکين زائرين ۽ عام ڏهاڙن ۾ زيارت لاءِ ايندڙ هزارين زائرين لاءِ صحرا ۾ نخلستان مثل آهي. هي واهي يا آبشار جبلن مان وهي اچي قديم ماڳ ماڙي کڙ ۽ ٽنڊي رحيم تي ختم ٿئي ٿو. قديم دور ۾ هن ئي واهي ۽ آبشار تي بيشمار بند زرعي مقصدن لاءِ ٻڌا ويا، جيڪي پاڻي ورائڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو ڪم ڏيندا هئا، جن کي گبربند سڏيو وڃي ٿو، جيڪي هن علائقي ۽ کيرٿر ۾ زردشت دور جي ياد ڏيارين ٿا. جبل تان لهندڙ هن آبشار جو منظر انتهائي خوبصورت ۽ وڻندڙ هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو