بندرگاھہ

بندر/ بندرگاھہ: درياءُ يا سمنڊ جي ڪناري تي جهازن، ٻيڙن ۽ ٻيڙين وغيرہ جي بيهڻ ۽ مال ۽ ماڻهن جي لھڻ چڙهڻ جي جاءِ. درياءُ يا سمنڊ جي ڪناري وارو شھر. آڳاٽي دؤر کان وٺي بندر جي وڏي اهميت رهي آهي. هٿرادو بندر کان سواءِ، قدرتي بندر بہ ٿيندا آهن، جيڪي سامونڊي نالن ۽ دريائن جي ڪنارن تي ٿين ٿا. بندر لاءِ لازمي آهي تہ ڪناري وٽ سمنڊ اونهو هجي تہ جيئن جھاز ڪناري ۾ ڦاسي نہ پوي ۽ ان کان سواءِ بندر واري هنڌ ايڏيون تيز سامونڊي ڇوليون بہ نہ هجن، جو جھاز لڙهي وڃن. بندر وسيلي مختلف ملڪن سان واپار ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهو سير سياحت لاءِ بہ ويندا آهن. بندر تي اعليٰ درجي جا انتظام ٿيل ۽ سامان رکڻ لاءِ گودام ۽ مسافرن جي سهوليت لاءِ ٻيا جوڳا اُپاءَ پڻ ورتل هوندا آهن. سنڌ ۾ سمنڊ ۽ درياھہ جي ڪنارن سان ڪيترائي بندر هئا، جيڪي آمد و رفت ۽ واپاري حوالن سان ملڪان ملڪ مشھور هئا. سنڌ جي سامونڊي ۽ دريائي بندرن تان تقريباً دنيا جي هر ملڪ ڏانهن تجارتي ٻيڙا مال سان ڀرجي ويندا هئا. ديبل بندر، سنڌ جو تمام گهڻو مشھور ۽ تاريخي بندر هوندو هو. عربن، ديبل بندر وسيلي ئي، سنڌ تي ڪاھہ ڪئي. اهو ديبل بندر، انهيءَ کان بہ اڳ سڪندراعظم واري دؤر ۾ ”باربريڪان“ جي نالي سان مشھور هو. تقريباً پوريءَ دنيا کان واپاري ٻيڙا ان بندر تي ايندا هئا. ٺٽو هڪ مشھور شھر ۽ دريائي بندر هو. ان کانسواءِ لاهري (لهري/ لاڙي) بندر، لوهاراني بندر، جاکي بندر، ڌاراجا بندر، سنڊو بندر، اورنگا بندر، شاھہ بندر، ڪيٽي بندر، بستا بندر، وڪر بندر، علي بندر ۽ سنڌڙي بندر وغيره، سنڌ جا مشھور سامونڊي بندر هئا. انهن بندرن تان ايراني نار، بصري، مسقط، بحرين، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، سورت، ملبار، جهوناڳڙھہ، بمبئيءَ، پور بندر، سون مياڻيءَ، بندر عباس، گوادر، لکپت، مدراس، مڪران، مارواڙ، ڪانگو، چين، بنگال، منيلا، لنڪا، جاوا ۽ انڊونيشيا تائين تجارتي سامان جي آمد و رفت جاري هوندي هئي. 11 صدي عيسويءَ جي شروع واري عرصي ڌاري لوهاراني بندر تمام گهڻو مشھور هو. محقق البيرونيءَ بہ انهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ٺٽو معروف دريائي بندر هو. ننڍا غوراب ۽ ٻيڙا ٺٽي بندر تي ايندا هئا. هتان مال ڏيساور روانو ٿيندو هو. ٺٽي بندر جي معرفت ئي پورچوگيز آيا ۽ هتي تاريخي تباهي مچايائون. اڪبر بادشاھہ جي ڏينهن ۾، سنڌو درياھہ ۾ چار هزار کن ٻيڙيون هلنديون هيون، جن مان اڪثر ٺٽي جي دريائي بندر تي لڳنديون هيون. لاهري بندر هڪ اهم سامونڊي بندر هو. ابن بطوطه 34_ 1333ع ڌاري سنڌو درياءُ رستي سيوهڻ کان لاهري بندر آيو هو. هُن هِن بندر جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. اهو لاهري بندر مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڊيلٽا واري سنڌو درياءُ جي ڪناري تي هڪ ڪشادو بندر هو، جتي 200 کان 300 ٽنن جا جھاز بيهي سگهندا هئا. 17 صدي عيسويءَ ۾ هيءُ بندر هندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيہ لنگهہ ۽ پرڏيهي ۽ سنڌ جي سامونڊي تجارت جو مرڪز هو. هن بندر تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڪارخانو بہ هو. بقول ابن بطوطه، هتي عربستان ۽ ايران کان ماڻهو ايندا هئا. لاهري بندر تي 60 لکن جو محصول گڏ ٿيندو هو. 1699ع ۾ جڏهن ڪئپٽن هئملٽن سنڌ ۾ آيو تہ هن اهي مشھور بندر ڏٺا ۽ انهن جي تمام گهڻي تعريف ڪيائين. 1831ع ۾، جڏهن اليگزينڊر برنس سنڌو درياھہ پار ڪيو، ان وقت وڪر بندر ۽ شاھہ بندر، سنڌ جا مشھور سامونڊي بندر هئا. 1837ع ڌاري وڪر بندر جي اهميت مڃيل هئي. شاھہ بندر، ارڙهين صديءَ عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾، تمام گهڻي شھرت حاصل ڪئي. ڪيٽي بندر، اورنگا بندر ۽ سنڊو بندر بہ اهم بندر هئا. اورنگا بندر تي تہ انگريزن جو ڪارخانو هو، جيڪو پوءِ بندر ڦٽڻ جي ڪري، شاھہ بندر ۾ قائم ڪيو ويو. سنڊو بندر، اناج جي واپار لاءِ خاص بندر هوندو هو. سنڌ جا بحري بندر، سامونڊي ٻيڙن جي صنعت لاءِ پڻ تمام گهڻو مشھور هئا. اليگزينڊر برنس، نڪولس وٿنگٽن، ابن بطوطه، البيروني، پوسٽنس، هينري پاٽنجر، اليگزينڊر هئملٽن، ائنتيونيو بوڪارو ۽ ٿامس رو وغيرہ جهڙن ڪيترن ئي پرڏيهي سياحن ۽ گماشتن سنڌ جي بندرن جو احوال پنھنجي ياداشتن ۾ لکيو آهي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا نهايت وڏا وڏا جهاز، جھڙوڪ ”ڊسڪوري“، ”لنڊن“، ”ايگل“، ”وليئم“، ”بليسنگ“، ”هوپ ويل“، ”ايڪسپيڊيشن“، ”روينج“، ”لئناريٽ“، ”بامبي گرئب“ ۽ ”ٽائيگر ڪاليڪٽ“ وغيرہ باقاعدگيءَ سان سنڌ جي بندرن تي ايندا رهندا هئا .
هن وقت سنڌ ۾ ٻہ اهم بندرگاھہ آهن. هڪ ڪراچي بندر ۽ ٻيو بن قاسم بندر. ڪراچي بندر جي تعمير جو ڪم 1854ع ۾ شروع ٿيو ۽ پهرين اپريل 1887ع تي هن بندر باقاعدي ڪم شروع ڪيو. پاڪستان جو 75 سيڪڙو واپار ڪراچي بندر وسيلي ٿيندو آهي. ڪراچي بندرگاھہ جي سالياني آمدني 6 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. 5 آگسٽ 1972ع تي ڪراچيءَ کان 35 ميل پري پپريءَ جي ڀرسان محمد بن قاسم جي نالي تي بن قاسم بندر جو بنياد رکيو ويو. بن قاسم بندر بہ هن وقت سنڌ جو وڏو بندر آهي. هن بندر تان تقريباً هڪ ڪروڙ 30 لک ٽنن کان وڌيڪ مال جهازن تان لاٿو ۽ چاڙهيو وڃي ٿو. آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جا وڻجارا بندرن وسيلي ٻيڙيون مال سان ڀري، پري پري تائين ويندا هئا. سنڌ جا وڻجارا، واپاري ۽ ناکئا اولھہ طرف عربي سمنڊ جهاڳي، عدن تائين ويا ٿي تہ اوڀر طرف گهڻو پري جاوا ۽ سوماترا تائين ٿي پهتا. سنڌو درياھہ جي بندرن وسيلي آڳاٽي وقت ۾ دهلي، پنجاب، ڪشمير ۽ افغانستان تائين سنڌ مان مال ويندو هو ۽ ساڳيءَ طرح انهن ملڪن مان تجارتي سامان سنڌ ۾ ايندو هو. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ميين شاھہ عنات رحه ۽ شاھہ لطيف رحه بندرن، تڙن، وڻجارن، ناکئن، ملاحن، ٻيڙن، جهازن، سمنڊ جي هوائن، طوفانن، لهرن ۽ لپيٽن جو ذڪر ڪيو آهي .
بندر ديسان ديس، مُلھہ نہ ملي وارِئين ،
فقيـراڻـي ويس، امـل ڏيـن اتـوريـا. (شاھہ )


لفظ بندرگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو