بندي جي قبر

بندي جي قبر: هرباب لڪ جي ڏکڻ ۾ نئن سالاريءَ جي منڍ ڀرسان کيرٿر جبل جي اوچي ۾ اوچي چوٽي آهي، جنهن کي بندي يا بنديءَ جي قبر سڏيندا آهن. اها چوٽي سمنڊ جي سطح کان ست هزار هڪ سؤ ٻاويھہ فٽ اوچي آهي. سنڌ جو مٿانهين ۾ مٿانهون ماڳ اها چوٽي آهي. هن هنڌ وٽ کيرٿر جبل ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. اوڀر واري ڦاڪ کي مقامي ماڻهو ڪڪريو جبل ۽ اولھہ واري ڦاڪ کي ڪارو جبل سڏين. اوڀر واري ڦاڪ، اولھہ واري ڦاڪ کان هڪ هزار فوٽ گهٽ آهي. اهي ٻئي ڦاڪون ڪچرڪ تائين الڳ الڳ آهن ۽ ڪچرڪ وٽ وري ملي وڃن ٿيون. انهن ٻنهي ڦاڪن جي وچ ۾ ٽئين جُڳ (ٽرشري Teriary) دور وارو پٿر سٿيو پيو آهي.


لفظ بندي جي قبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو