بندہ بيراگي: بندہ بيراگي سکن جو فوجي اڳواڻ هو. سندس نالو لڇمڻ ديو هو. راجوڙي جي علائقي پونڇ جو راجپوت هو. جوانيءَ ۾ ئي بيراڳي ٿي ويو ۽ درياھہ گوداوريءَ جي ڪناري تي رهائش اختيار ڪيائين. گرو گوبند سنگهہ جڏهن دکن ويو تہ اتي سندس ملاقات بيراڳي سان ٿي. اتي هن کي سکن جو فوجي رهنما مقرر ڪيو ويو. بيراڳي واپس پنجاب آيو. ۽ سکن جي هڪ وڏي جماعت ٺاهي مغل علائقن تي حملا شروع ڪيائين. جمنا ۽ ستلج جي وچ واري علائقي کي تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيائين. مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو، عورتن جي بي حرمتي ڪئي. ٻارڙن کي بي رحمي سان قتل ڪيو. هن سکن جي مذهب ۾ ترميم ڪئي. ان ڪري سک سندس مخالف ٿي پيا ۽ الڳ ٿي ويا. 1716ع ۾ مغل بادشاھہ فرخ سير جي زماني ۾ اٺ سو ساٿين سميت پڪڙجي پيو ۽ سمورن کي قتل ڪيو ويو.