
بنده علي خان ٽالپر
بندہ علي خـان ٽالپر: ناميارو سياستدان مير بندہ علي خان، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. 1930ع ۾ بمبئي اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. ان ئي عرصي ۾ سنڌ سيپريشن ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1937ع تائين اسپيشل مئجسٽريٽ ۽ گهڻي وقت تائين حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بورڊ جو صدر پڻ رهيو. ساڳئي سال سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سر غلام حسين هدايت ﷲ جي ڪابينه ۾ وزير مقرر ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ شھيد ﷲ بخش سومري جي ڪابينه ۾ بہ رهيو. بعد ۾ 1940ع ڌاري پنھنجي وزارت ٺاهيائين ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو. 1946ع ۾ وري سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر طور چونڊيو ويو. انهن ڏينهن ۾ جڏهن 19 مارچ 1946ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگي وزارت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هلي تہ نئشنل ڪانگريس طرفان تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ کيس وڏي رقم ڏني وئي .
ورهاڱي کان پوءِ 1953ع ۾، مير بندہ علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سياست ترڪ ڪري،
گوشه نشين ٿي ويو. سندس وفات 7 جنوري 1975ع بمطابق 1394ھہ ٽنڊي غلام علي ۾ ٿي .
1975.01.07 عيسوي
بنده علي خان ٽالپر، 7 جنوري 1975ع تي وفات ڪئي.