بنده علي خان ٽالپر

بنده علي خان ٽالپر

بندہ علي خان ٽالپر

بندہ علي خـان ٽالپر: ناميارو سياستدان مير بندہ علي خان، تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. 1930ع ۾ بمبئي اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. ان ئي عرصي ۾ سنڌ سيپريشن ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1937ع تائين اسپيشل مئجسٽريٽ ۽ گهڻي وقت تائين حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بورڊ جو صدر پڻ رهيو. ساڳئي سال سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سر غلام حسين هدايت ﷲ جي ڪابينه ۾ وزير مقرر ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ شھيد ﷲ بخش سومري جي ڪابينه ۾ بہ رهيو. بعد ۾ 1940ع ڌاري پنھنجي وزارت ٺاهيائين ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو. 1946ع ۾ وري سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر طور چونڊيو ويو. انهن ڏينهن ۾ جڏهن 19 مارچ 1946ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگي وزارت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هلي تہ نئشنل ڪانگريس طرفان تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ کيس وڏي رقم ڏني وئي .
ورهاڱي کان پوءِ 1953ع ۾، مير بندہ علي خان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سياست ترڪ ڪري،
گوشه نشين ٿي ويو. سندس وفات 7 جنوري 1975ع بمطابق 1394ھہ ٽنڊي غلام علي ۾ ٿي .


لفظ بندہ علي خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.01.07  عيسوي

بنده علي خان ٽالپر، 7 جنوري 1975ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرحيم مگسي
ستار حسين خان
غلام حيدر صديقي
پير پٺو
فيروز پتافي
ارڏو اترادي
حميد شيخ
سيد عطا حسين شاھہ موسوي
اعجاز علي خواجہ
چارلس نيپئر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون