بند: بند لفظ جون ڪيئي معنائون آهن: 1. سڪل ڪانن جو گڏو . 2. گهوڙي يا ڪُتي جو اثرائتو چَڪُ به بند سڏبو آهي . 3. غزل، نظم يا گيت جي شعري حصي کي به ”بند“ چئجي ٿو . 4. ’بند‘ قيدخاني کي به چئبو آهي .