بَنو اُميه: عرب خليفن جو خاندان، جنهن 661ع کان 750ع تائين حڪومت ڪئي. حضرت علي عليہ السلام جي دؤر خلافت ۾ معاويه بن ابو سفيان اميه خود مختيار حڪومت جو اعلان ڪيو، جيڪو ان وقت شام تي حڪومت ڪندو هو. اتان کان ئي بنو اميه جي حڪومت جو آغاز ٿيو. حضرت علي عليہ السلام سان معاويه جون جنگيون پڻ ٿيون. حضرت علي عليہ السلام کانپوءِ حڪومت جون واڳون معاويه جي هٿ ۾ آيون. معاويه کانپوءِ سندس پٽ يزيد حڪومت سنڀالي ۽ حڪومت سنڀاليندي ئي حضرت امام حسين عليہ السلام کي سندس عزيزن ۽ دوستن سميت ڪربلا جي ميدان ۾ دوکي سان شھيد ڪرائي، سندن فرزند امام زين العابدين عليہ السلام ۽ پاڪ بيبين کي قيد ڪرايائين. يزيد کان پوءِ سندس پٽ معاويه ثاني تخت تي ويٺو. جيڪو صرف ٽي مهينا حڪمران رهيو. ان کانپوءِ عبدالملڪ ايڪيھہ سال، وليد ڏھہ سال ۽ ان کانپوءِ سليمان بن عبدالملڪ ۽ پوءِ بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز، پوءِ يزيد ثاني، هاشم بن عبدالملڪ، وليد بن يزيد، يزيد ثالث ۽ ابراهيم بن وليد حڪمران ٿيا. بنو اميه جو آخري حڪمران مروان بن محمد ٿيو، جنهن 132 ھہ (750ع) تائين حڪومت ڪئي. اهڙي طرح بنو اميه جي نوي ساله حڪومتي دؤر ۾ ڪل چوڏهن حڪمران گذريا. بنو اميه جي عھد کانپوءِ 132ھہ (750ع ) ۾ بنو عباس (عباسيه) گهراڻي جو دؤر حڪومت شروع ٿيو. بنو عباس جي گهراڻي 656 ھہ (1258ع) تائين حڪومت ڪئي.
0661.00.00 عيسوي
بَنو اُميه: عرب خليفن جو خاندان ، جنهن 661ع کان 750ع تائين حڪومت ڪئي .
0750.00.00 عيسوي
بَنو اُميه: عرب خليفن جو خاندان ، جنهن 661ع کان 750ع تائين حڪومت ڪئي .
0132.00.00 هجري
بنو اميه جو آخري حڪمران مروان بن محمد ٿيو ، جنهن 132 هه ( 750ع ) تائين حڪومت ڪئي . اهڙي طرح بنو اميه جي نوي ساله حڪومتي دؤر ۾ ڪل چوڏهن حڪمران گذريا . بنو اميه جي عهد کانپوءِ 132هه ( 750ع ) ۾ بنو عباس ( عباسيه ) گهراڻي جو دؤر حڪومت شروع ٿيو .

1258.00.00 عيسوي
بنو اميه جي عهد کانپوءِ 132هه ( 750ع ) ۾ بنو عباس ( عباسيه ) گهراڻي جو دؤر حڪومت شروع ٿيو . بنو عباس جي گهراڻي 656 هه ( 1258ع ) تائين حڪومت ڪئي .