بني اسرائيل، سورة: قرآن مجيد جي 17هين سورة، جنهن ۾ 12 رڪوع ۽ 111 آيتون آهن، جيڪي مڪي شريف ۾ نازل ٿيون. هن سورة کي الاسراء بہ سڏيندا آهن، هن جي پهرين ئي آيت ۾ هن ڳالھہ جو اشارو ڪيل آهي تہ هي سورة معراج جي موقعي تي نازل ٿي. هن جي شروعات حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جي معراج جي واقعي سان ٿيل آهي ۽ هن واقعي ۾ مسجدِ اقصيٰ جي ذڪر ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ اهي برڪتون جيڪي بيت المقدس سان منسوب هيون، اهي هاڻي حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم ۽ ان جي امت لاءِ آهن. ٻئي رڪوع ۾ ٻڌايل آهي تہ انسان کي پنهنجا ذاتي غرض ختم ڪرڻ گهرجن. ٻيءَ صورت ۾ سندن لاءِ وڏي تباهي آهي. ٽئين ۽ چوٿين رڪوع ۾ اعليٰ اخلاق بابت، پنجين رڪوع ۾ توحيد جي ذڪر سان آخرت تي ايمان بابت زور ڏنل آهي، ڇهين رڪوع ۾ سزا جزا ۽ عذاب الاهيءَ جو ذڪر ڪيل آهي، ستين ۾ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جي مخالفت تي عذاب جو ذڪر، اٺين ۾ ڪافرن جي انهن سازشن جو ذڪر جيڪي هو پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم جي مخالفت ۾ ڪندا هئا، نائين ۾ حق جي ڪاميابي، ڏهين ۾ قرآن پاڪ جي عظمت ۽ يارهين رڪوع ۾ رسالت جي انڪارين ۽ انهن تي نازل عذاب بابت ٻڌايل آهي.