بني هاشم: هيءُ قريش قبيلو آهي، جيڪو هاشم جو اولاد آهي. هاشم قريش قبيلي جو معتبر شخص هو. هو 5 صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ پنھنجي ڀاءُ عبدالشمس جي جاءِ تي ڪعبي جو مُتولي ٿيو، جيڪو حضرت محمد صلعم جو پڙڏاڏو هو. حضرت علي ڪرم ﷲ وجهہ ۽ حضرت عباس رضہ جو اولاد بني هاشم آهي. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تائين بني هاشم جو همراھہ شريف حسين مڪي جو حاڪم هو. پر 26- 1925ع ۾ ابن سعود مڪي تي قبضو ڪري ورتو ۽ شريف حسن کي هٽائي ڇڏيو. انگريزن شريف حسين جي پٽن امير فيصل کي عراق ۽ امير عبدالله کي اردن جو بادشاھہ مقرر ڪيو. 1958ع ۾ عراق ۾ انقلاب آيو، جنهن ۾ عبدالڪريم قاسمي، امير فيصل کي مارائي ڇڏيو. هن وقت بني هاشم مان رڳو شاھہ حسين، اردن جو بادشاھہ آهي، جڏهن تہ هاشم جو اولاد دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف هنڌن تي پکڙيل آهي.
0500.00.00 عيسوي
بني هاشم: هيءُ قريش قبيلو آهي ، جيڪو هاشم جو اولاد آهي . هاشم قريش قبيلي جو معتبر شخص هو . هو 5 صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالشمس جي جاءِ تي ڪعبي جو مُتولي ٿيو ،
1925.00.00 عيسوي
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تائين بني هاشم جو همراهه شريف حسين مڪي جو حاڪم هو . پر 26- 1925ع ۾ ابن سعود مڪي تي قبضو ڪري ورتو ۽ شريف حسن کي هٽائي ڇڏيو . انگريزن شريف حسين جي پٽن امير فيصل کي عراق ۽ امير عبدالله کي اردن جو بادشاهه مقرر ڪيو .
1958.00.00 عيسوي
1958ع ۾ عراق ۾ انقلاب آيو ، جنهن ۾ عبدالڪريم قاسمي ، امير فيصل کي مارائي ڇڏيو