بن سومار
بن سومار: سومرن جي آڳاٽي ۽ پهرين مشھور سردار ’سومار‘ جو پٽ، جيڪو پنھنجي پيءُ جي نالي پويان ’ابن سومار‘ (سومار جو پٽ) سڏجڻ لڳو. حالانڪہ سندس پنهنجو ذاتي نالو ’راجپال‘ هو. ڪتاب ’سُومرن جو دور‘ جي لکت موجب ’ابن سومار‘ سنہ 423 ھہ (1032ع) ۾ سلطان مسعود غزنوي جي عھد حڪومت ۾ زندہ هو .