بِن قاسم: هيءَ ريلوي اسٽيشن، ڪراچيءَ شھر کان 43 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ڪوٽڙيءَ ڏانهن ويندڙ لائين تي آهي. هن ريلوي اسٽيشن کي سامهون، محمد بن قاسم جي نالي جو يادگار سامونڊي بندر ”بن قاسم“ آهي. انهيءَ بندرگاھہ کان، سڄي پاڪستان ۾ مال جي رسد کي پهچائڻ لاءِ، انهيءَ نالي سان ريلوي اسٽيشن بہ ٺاهي وئي آهي .