بن مانس

بن مانس

بن مانس

بَن مانَس: هڪ قسم جو جهنگلي جانور، جيڪو شڪل ۾ ڪجهہ ماڻهوءَ ۽ ڪجهہ ڀولڙي جهڙو ٿيندو آهي. هن ساهواري جو نسل آفريڪا جي وچ ۽ اولھہ واري علائقي ۾ موجود آهي. گوريلي وانگر هي بنا پڇ جي انسان سان زياده هڪجهڙائي رکندڙ آهي. انتهائي ذهين ۽ تربيت يافتہ ساهوارو سمجهيو وڃي ٿو. بالغ ساهواري جو قد 4 يا 5 فوٽ ۽ وزن 150 کان 200 پائونڊن تائين ٿيندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي تہ هيءُ ساهوارو آسان اوزارن جو استعمال بہ ڪري سگهي ٿو. هيءُ وڻن جي ٽارين ۾ لڏندو آهي، پر ڇال يا ٽپ ڏيئي نہ سگهندو آهي. زمين تي چئني پيرن سان هلندو آهي.


لفظ بن مانسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو