بهاءُ الدين ”بَهائي“: هن شاعر، اديب ۽ بزرگ جو جنم، تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ سلطان گبول ۾ 1239هه/ 1823ع ۾ ٿيو. گهوٽڪيءَ جي مدرسي مان ديني علم جي تڪميل ڪري، ڪجهه وقت انهيءَ مدرسي جو اُستاد به رهيو. بهاولپور جي سردار رحيم بخش وٽ فارسي شاعر جي حيثيت سان ڪجهه وقت ملازمت ڪيائين. زندگيءَ جو گهڻو حصو سير ۽ سياحت ۾ گذاريائين. توڪلي ۽ سادي سودي زندگي گهارڻ جو عادي هو. فارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. هڪڙو ديوان، مثنوي ”خورد خواب“ ۽ ”ڪريما بهائي“ سندس تصنيفون آهن.