بَهار ٻَپڙ: ٻارهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري پنهنجي دور جو مشهور عوامي شاعر هو. 257 سنڌي بيتن ۾ ”سيف الملوڪ“ جو قصو جوڙيائين. 1152- 1150هه دؤران ميان غلام شاهه جي دور ۾ بَهار ٻپڙ جيئرو هو، جنهن جو اهڃاڻ سرائڪيءَ ۾ سندس ڇپيل هڪ بيت جي باقي بچيل هيٺينءَ سٽ سان ملي ٿو.
”جو گُلان وچون گُل پيدا ٿيا، ڪجهه کُليَا هي ڪجهه کُلسي“
(گلان منجهان گل پيدا ٿيو، جيڪو ڪجهه کُليو آهي ۽ اڃا ڪجهه وڌيڪ کُلندو). بهار ٻپڙ جي مٿئين شعر مان ظاهر آهي ته هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو اثر قبوليو هو ۽ ممڪن آهي ته هو شاهه صاحب جو ننڍو معاصر هجي.