بَهارُ2: هڪ راڳ جو نالو پڻ ”بهار“ آهي. هيءُ ڪافي ٺاٺ جو کاڍو راڳ آهي، جيڪو امير خسروءَ ڏانهن منسوب آهي. اِن جي آروهيءَ ۾ رکب نٿو لڳي ۽ امروهيءَ ۾ ڌيوت ڇڏي ڏيندا آهن. اِن جو وادي سر کرج آهي ۽ مڌم سُر سموادي. منجهس ڌيوت ۽ مڌم جي سنگت رهندي آهي. ان راڳ جو مزاج اهڙو لچڪدار آهي، جو ان کي ٻين راڳن سان ملائي ’بهار‘ جون ڪيتريون ئي شڪليون ٺاهيون ويون آهن. جيئن ته مالڪوس بهار، ڀاڳيشري بهار وغيره. ”بهار“ راڳ بسنت رُت ۾ ڳائبو آهي.