بهاول فقير: صوفي شاعر بهاول فقير شڪارپور جو ويٺل هو ۽ سخي قبول محمد دوم جو مريد هو. ايڪسائيز انسپيڪٽر ٿي رهيو، پر تصوف سان دلچسپي رهندي آيس. هن بزرگ 20 سيپٽمبر 1926ع تي رحلت ڪئي. سنڌي زبان جو وڏو شاعر هو. ڪافيون ۽ بيت چيا اٿس، جن ۾ تصوف جو رنگ سمايل آهي. سندس ڪلام مان نموني طور هڪ ڪافيءَ جا ڪجهه بند ڏجن ٿا:
اي دل مان هاڻي ڇا ڪريان، پاڻهين تو نينهن لايو،
گھڙي پئينءَ تون گھيڙ ۾ پڇيئي نه ڪنهن جو رايو
اوچتي اڙجي وئينءَ، اڳ پوءِ نه سنڀاريو،
جنجل ۾ جند اڙائي، پنهنجو تو پاڻ وڃايو،
تجلو حسن ڏيکاري، دلبر ڪيئن مک ڇپايو،
پئي پٽج تون پاڻ ۾، قسمت توکي رلايو.