بهاگڙا (راڳڻي ):هي راڳڻي بلاول ٺاٺ مان آهي. هن کي بهاگ جو قسم سمجهڻ گهرجي. هن جي ڳائڻ جا اصول آهن تہ بهاگ ۾ نکاد ڪومل هڻبو تہ هن راڳڻيءَ جي صورت ٺهندي. ٻيو تہ بهاڳ ۾ ٻئي مڌم هڻبا تہ بهاڳڙا جي صورت ٺهندي. اها ئي صورت بهاگ ۽ بهاڳڙا ۾ فرق بہ پيدا ڪري ٿي. وادي سُر گا سموادي سر ني.