بهزاد لکنوي

بهزاد لکنوي: اردو زبان جو هڪ وڏو شاعر ۽ اديب هو، جيڪو 1910ع ڌاري لکنوءَ ۾ پيدا ٿيو. خانداني نالو سردار حسين خان هوس. ڪلڪتي مان تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ريلوي ۾ ملازمت ڪيائين. 8 سالن جي عمر کان شعر چوڻ شروع ڪيائين. 1930ع ۾ هيءُ خانقاه نيازيه بريليءَ جي سجاده نشين حضرت عزيز ميان جي ارادتمندن ۾ شامل ٿيو. هن جو مجموعو ”نغمه نور“ جي نالي سان 1936ع ۾ شايع ٿيو. بمبئيءَ ۾ ٺهڻ وارين فلمن لاءِ گانا به لکندو رهندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1952ع کان 1963ع تائين ريڊيو پاڪستان سان منسلڪ ٿيو. ٻه دفعا حج ڪيائين. 10 آڪٽوبر 1974ع تي ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.00.00  عيسوي

بهزاد لکنوي: اردو زبان جو هڪ وڏو شاعر ۽ اديب هو ، جيڪو 1910ع ڌاري لکنوءَ ۾ پيدا ٿيو .


1974.10.10  عيسوي

بهزاد لکنوي: اردو زبان جو هڪ وڏو شاعر : 10 آڪٽوبر 1974ع تي ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خٽڪ اجمل
سنجر ڪاشاني
انور منصور مڱريو
خواجه غلام حسين ملنگ
اميد علي لغاري
بهاول لغاري
بهاؤالدين
ابو البقا ملا ٺٽوي
دانشور خان
علي نواز ڏاهري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون