بهشتي1
بِهشتِي1: جَنتِي. پخالي. سنڌ جي شهرن ۽ ڪن ڳوٺن ۾ اڳ پخالي هوندا هئا، جيڪي درياهه، واهه، نهر يا کوهن تان پاڻي، پخالن ۾ ڀري گهرن ۾ پهچائيندا هئا. جيئن ته پاڻي پيارڻ؛ پاڻي پهچائڻ ثواب جو ڪم آهي، تنهنڪري پخاليءَ کي احترام مان ”بهشتي“ چيو ويندو هو.