بهلاڻي

بهلاڻي: تحفة الڪرام موجب هالاڻي ۽ بهلاڻي آمهون سامهون ٻه درياهي پتڻ هئا. بهلاڻي شهر جي قدامت اها آهي ته جڏهن هتان درياهي وهڪرو وهندو هو، ان وقت مکيه پتڻ هو. مخدوم محمد دائود آگري، مدفون هالاڻي، ڪوٽڙي ڪبير جي تاريخ منظوم مثنويءَ ۾ لکي آهي، جنهن ۾ بهلاڻيءَ جو نالو به ڪم آندو اٿس. مخدوم صاحب ڏهين صدي هجريءَ جو چيو ٿو وڃي. بهلاڻيءَ کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته هيءُ شهر ڪيترائي ڀيرا ڦٽو ۽ اڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده شهر هڪ دڙي تي آهي. پاڪستان کان اڳ هن شهر کي هڪ عالم پناهه هئي ۽ مکيه رستن تي شاهي دروازا لڳل هئا. شهر جون گهٽيون سوڙهيون ۽ ور وڪڙ آهن. ڏهين صديءَ ۾ هت هڪ وڏو بزرگ ۽ عالم مخدوم عبدالله آگرو رهندو هو. هن شهر ۾ قريشي، سهتا، ڏوٻل، سيد، ڊکڻ، مڱڻهار، لوهر، ميربحر، چارڻ ۽ هندو رهندا هئا. هن وقت ڪمبوهه، تيلي، ڪشميري، آرائين، راجپوت ۽ سيال به اچي آباد ٿيا آهن. هت هاءِ اسڪول، هڪ مدرسو، هيلٿ سينٽر، يونين ڪائونسل آفيس ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جي آفيس آهي. هتي سيد واليڏنو شاهه درويش مدفون آهي. هن شهر جا ٻه درويش، فقير الهه جياريو سهتو ۽ علي فقير ڊکڻ مشهور ٿي گذريا آهن. بهلاڻي ڪافي پراڻي بستي آهي ۽ جيئن ’هالاڻي‘ (هالا ذات جي بستيءَ) تي نالو پيل آهي، تيئن ممڪن آهي ته بهلاڻيءَ تي ’ڀرياذات جي پوئتان نالو پيو هجي. ’ڀرياذات به سهتن ۽ لاکن وانگر سنڌ جي هڪ آڳاٽي ذات آهي، ليڪن تلاش ۽ تحقيق موجب چچنامي واري بهراور بستي، موجوده بهلاڻيءَ جي بستي ٿي سگهي ٿي. بهلاڻيءَ جي ڀرسان ڀريا ذات نه، پر ڀَيا ذات ويٺل آهي. تاريخي لحاظ سان هيءَ بستي سهتن جي آباد ڪيل لڳي ٿي. بهلاڻي شهر جي اوڀر طرف انهيءَ ڀڙي جا نشان به نظر اچن ٿا. انهن کنڊرن جي ڀرسان هندن جو هڪ مندر هو، جتي هر سال ”شِوَ جو ميلو“ لڳندو هو. هندو ياتري پري پري کان اچي ان مندر ۾ مذهبي ڪرياڪرم ڪندا هئا، جنهن ۾ وڏا ڀڳت ۽ ڪٿڪ، ڀڳتيون وجهندا هئا. سنڌو درياهه جا نشان به اتي نظر اچن ٿا. جڏهن ته هالاڻيءَ ۾ به ويساکي درٻار جو ميلو لڳندو آهي ۽ ان حوالي سان اُتي مندر پڻ موجود آهي.


لفظ بهلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو