بُوبنا- جراڙ: سنڌ جو مشھور رومانوي داستان، جنهن جا ٽاڻا هن طرح آهن: ڄام جراڙ، سمون هو ۽ آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جي ڪنهن حصي تي حڪومت ڪندو هو. بوبنا بہ بادشاهي گهراڻي جي خوبصورت شھزادي هئي. هڪ روايت موجب بوبنا مارک ڏاهريءَ جي ڌيءَ هئي، جيڪو پاڻ ڪنهن علائقي جو حاڪم هو. جراڙ بہ بوبنا جي سونهن جي تعريف ٻڌي، بوبنا جي شھر ۾ پهتو. اُتي هڪڙي ڪوريءَ سان سندس ملاقات ٿي. ان کان پڇيائين تہ ”دنيا ۾ ڪي سھڻا سُجهنئي؟“ ڪوريءَ جواب ڏنو تہ ”دنيا ۾ اڍائي سھڻا آهن: هڪ سھڻو جراڙ، ٻي سامهون ماڙيءَ واري بوبنا، باقي اڌ سھڻو آءُ بہ آهيان، جو بوبنا کي هڪ ڀيرو ڏٺم تہ اڃا خمار چڙهيل اٿم.“ جڏهن بوبنا، جراڙ کي پنھنجي باغ ۾ ڏٺو تہ سندس عشق ۾ گرفتار ٿي وئي. ڪورياڻيءَ جي مدد سان بوبنا ۽ جراڙ روزانو باغ ۾ ملاقات ڪري عشق جي رهاڻ ڪندا هئا. بوبنا ۽ جراڙ جون قبرون مڪليءَ تي شاھہ مراد واري مقام ۾ مڪاني طور مشھور آهن.