بوبڪ3: بوبڪ پاڻيءَ جو هڪ گاھہ بہ آهي، جنهن جو پن بصر جي پن جهڙو ٿيندو آهي. هي پاڻيءَ ۾ اڀرندو آهي، پر جڏهن پاڻي مٿان لهيس، تڏهن وڏو ٿيندو آهي. بوبڪ گاھہ پاڻيءَ ۾ هوندو آهي تہ نرم هئڻ ڪري مڇي کانسواءِ ٻڪري ۽ ٻيو چوپايو مال کائيندو اٿس. ڪن محققن جو چوڻ آهي تہ بوبڪ شھر تي، بوبڪ گاھہ تان اهو نالو پيو آهي.