بودلو بھار

بودلو بھار: سيوهڻ جو مشھور درويش ۽ قلندر لال شھباز جو خاص خدمتگار، مخدوم بودلو سڪندر عرف ”بودلو بھار“. اصل ملتان جو ويٺل هو. سندس جنم 202ھہ/ 817ع ڌاري اچ شريف (ملتان) ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿيس. ڦوھہ جوانيءَ ۾ سيوهڻ شريف آيو. شروعات ۾ ديني درس ڏيندو هو، پر پوءِ دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي روحاني رهبر جو متلاشي ٿي ويو. انهيءَ ڪيفيت ۾ اڪثر اگهاڙو رهندو هو. آخر کيس قلندر شھباز جي صحبت نصيب ٿي. پاڻ قلندر جي پيارن طالبن مان هو ۽ سڄي عمر شادي نہ ڪيائين ۽ مجرد رهيو. روايت آهي تہ هنود ڪاسائيءَ هن درويش کي ڪھي ڇڏيو هو. سندس مزار سيوهڻ ۾ قلعي لڳ قلندر جي مزار کان اتر طرف آهي. سيوهڻ ۾ سندس نالي پٺيان ”بودلي جي ڪافي“ بہ آهي. بودلي جي شخصيت کان متاثر فقير ۽ سندس مريد ڳاڙهو ويس ڍڪيندا آهن ۽ هر روز پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ڌمال ڪندا آهن.


لفظ بودلو بھارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0202.00.00  هجري

بودلو بهار: سيوهڻ جو مشهور درويش ۽ قلندر لال شهباز جو خاص خدمتگار ، مخدوم بودلو سڪندر عرف ” بودلو بهار “ . اصل ملتان جو ويٺل هو . سندس جنم 202هه/ 817ع ڌاري اچ شريف ( ملتان ) ۾ ٿيو .


0817.00.00  عيسوي

بودلو بهار: سيوهڻ جو مشهور درويش ۽ قلندر لال شهباز جو خاص خدمتگار ، مخدوم بودلو سڪندر عرف ” بودلو بهار “ . اصل ملتان جو ويٺل هو . سندس جنم 202هه/ 817ع ڌاري اچ شريف ( ملتان ) ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آلو فقير
رئيس محمد اسحاق خان گبول
سيد ميرڪ يوسف سبزواري
ٽاڊ جيمز
سويتا ڪيسواڻي
سورٺ ٿيٻو
شيخ مجيب الرحمان
ڄام صلاح الدين سمو
اعظم خان
ڀيم سين جوشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون