بودلو سميجو: بکر جي مغل، نواب بختيار بيگ جي دؤر ۾. لاکاٽ ۾، سميجن جو سردار بودلو سميجو هو. ارباب بودلو سميجو وڏو بھادر هو. بختيار خان پنھنجو هڪ نائب لاکاٽ جي پرڳڻي ۾، سميجن ۽ انڙن ڏانھن، ڍل اوڳاڙڻ لاءِ موڪليو، اتي سميجن وجهہ وٺي کيس قتل ڪري ڇڏيو. اها خبر جيئن ئي بختيار بيگ کي پئي تہ هُن، علي خان شاملو کي لشڪر ڏئي لاکاٽ موڪليو. علي خان، سميجن سان ويڙھه ڪئي. شڪست کانپوءِ ارباب بودلو سميجو ٻين سردارن سان اچي علي خان شاملو وٽ پيش پيو. علي خان، بودلي سميجي ۽ ٻين سردارن کي بختيار علي بيگ ڏانھن موڪليو، جنھن انھن سڀني سردارن کي قيد ڪري ڇڏيو. آخرڪار قاسم خان ارغون ضمانت طور چوويھه هزار ڏئي بودلي سميجي کي آزاد ڪرايو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ وري سميجن ۽ انڙن مغل سلطنت خلاف ڪارروايون ڪيون. هِن ڀيري بکر جو گورنر محمد علي بيگ هو. هن پنھنجي فوج ۽ شير خواجہ جي ماڻهن سان گڏجي لاکاٽ تي ڪاھہ ڪئي. سندن ڪيترائي بھادر سميجا قيد ڪري سبيءَ جي پٺاڻن وٽ وڪيا ويا ۽ هنن جي سردار ارباب بودلي سميجي کي گرفتار ڪري بکر وٺي آيا. انھي کانپوءِ لاکاٽ جي سميجن وري ڪا بہ ڦڏائي نہ ڪئي. بودلو سميجو ٻہ سال لڳاتار جيل ۾ رهڻ کانپوءِ آزاد ٿيو.