بودڪ

بُودڪ: تعلقي ڪنڊياري ۾ هڪ ديھہ ۽ ڳوٺ جو نالو. مشھور اُستاد ۽ سياستڪار سرور سھتو هن ڳوٺ جو رهاڪو آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو تہ هن ڳوٺ جو اصل نالو ’ٻُڌڪ‘ هو، ۽ بعد ۾ تبديل ٿي ’بوبڪ‘ ٿي ويو. هن ڳوٺ ڀرسان بُدڪا/ ٻڌڪا مائنر (شاخ) بہ وهي ٿي. هيءُ علائقو ٻڌ ڌرم جي اثر هيٺ هو. اهڙي تحقيق محترمہ مستور بخاري بہ ڪري رهي آهي. ڪنڊياري تعلقي ۾ ”ٻُڌ“ ذات جا ماڻهو بہ رهن ٿا. جيڪي مسلمان آهن. معلوم ٿئي ٿو تہ اُهي اسلام جي آمد بعد ٻڌ ڌرم ترڪ ڪري مسلمان ٿيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو