بورائو

بورائو: سُونهون. واٽ ڏيکاريندڙ، جيڪو واٽ جو اڳ سونهون هجي. عام طرح هنگلاج وڃڻ وارا زيارتي، ڪراچيءَ مان نڪرڻ مھل هڪ پيادو ساڻ کڻندا آهن، جيڪو هڪ سونٽي جي چوٽيءَ تي جهنڊي ٻڌي، اُها پيٽ سان ٻڌي اڳيان هلندو آهي ۽ سڄو قافلو ان جي پٺيان هلندو آهي.
”بر ۾ بورائو، کڻ پيادي پاڻ سين“ (شاھہ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو