بوروشسڪي (Burushasky) (ٻولي ):هي ٻولي ڪنجوٽ، کاگونا، ورچڪوار، بروڪاڪي، بروڪاسڪي ۽ بلٽم جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي.
هي ٻولي هنزا بروشسڪي، ناگر بروشسڪي، ورچڪوا بروشسڪي جي لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ سان سميري، ڪاڪيشي ۽ دراوڙي ٻوليون واسطي ۾ آهن.
هيءَ ٻولي پاڪستان، ڪشمير جي هُنزا، ناگر، ياسين ۽ گلگت واري علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1997ع جي آدمشماري موجب ڳالهائيندڙن جو تعداد 87000 هو، جيڪي گهڻو ڪري اسماعيلي فرقي جا مسلمان آهن.
ليڊن يونيورسٽيءَ جي جارج وارن ڊريم جو چوڻ آهي ته بروشي لوڪن جي وچ ايشيا مان لڏ پلاڻ سبب هيءَ ٻولي وجود ۾ آئي ۽ ڦهلي. هن ٻوليءَ شنا ۽ گرور ٻولين کان لفظ اڌارا ورتا آهن، جيڪي داردي ٻوليون آهن؛ خود انهن ٻولين به هن کان لفظ ورتا آهن. هن ٻوليءَ ۾ ڪل 32 حرف صحيح ۽ 5 حرفِ علت آهن. هن ٻوليءَ جي لپي عربي آهي. تارنوي شاهه نالي شاعر جي شاعري هن لپيءَ ۾ لکيل آهي، پر ليٽن نموني جي لپي به استعمال ڪئي ويندي آهي.
هندوڪش، هماليه، ۽ قراقرم جبلن جون قطارون جتي پاڻ ۾ گڏجن ٿيون ته انهيءَ خطي ۾ آريائي ۽ غير آريائي قومون آباد آهن. ماهرن جي راءِ آهي ته هنزا ۽ ياسين وادين ۾ بروشسڪي ڳالهائيندڙ قبيلا غيرآريائي آهن. گريئرسن لکي ٿو ته: ايران کان ڪي آريا، هندوڪش جبلن کي پار ڪري، هيٺ ڏکڻ طرف هڪ گروهه ۾ نه، پر ڌار ڌار گروهن ۾ داردستان ۾ لڏي آيا. ان زماني ۾ هتي غيرآريائي ٻولي بروشسڪي ڳالهائيندڙن جا ابا ڏاڏا رهندا هئا. اهي اصل ۾ ڪاڪيشا جي پهاڙي قبيلي وارن جو سڌوسنئون اولاد هئا؛ جن قبل مسيح واري زماني جي ٻئي ڏهاڪي ۾ وڏي لڏپلاڻ کان اڳ، ايشيا مائنر کان وٺي هندوستان تائين اُترين مرڪزي خطن ۾ زراعت جي شروعات ڪئي هئي. هي ٻولي نه هند آريائي آهي نه جاتڪ نه وري ايراني ٻولين جي خاندان سان واسطو اٿس. هن جو گهڻو تڻو واسطو ورسڪي (warski) ٻوليءَ سان آهي، جيڪا ياسين ۽ هنزا وادين ۾ ڳالهائين ويندي آهي. بروشسڪي ڏکي ٻولي آهي. جيئن ته لکت ۾ گهٽ آئي آهي. ان لاءِ صدري ادب محفوظ رهجي ويو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته پشاچ، منگول قسم جي ٻولي ڪندا هئا، جنهن جا ڪجهه آثار بروشسڪي ۾ رهجي ويا آهن. هي بروش (Brush) قبيلي جي ٻولي آهي.