بوزدار رحيم بخش خان

بوزدار رحيم بخش خان: سردار رحيم بخش خان بوزدار گهوٽڪي ضلعي جي بااثر ۽ سياسي شخصيت آهي. هو سردار محمد خان بوزدار جو پٽ آهي. هو 16- نومبر 1947ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي ۽ ايم. اي شاھہ لطيف يونيورسٽي مان ڪيل اٿس. هو 1985، 1990 ۽ 1997ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي ٽڪيٽ تي گهوٽڪيءَ جي تڪ پي ايس 8- تان ايم. پي. اي چونڊيو. هو ٻيلن، جهنگلي جيوت، پورهئي ۽ نوجوانن جي معاملن وارين ڪميٽين جو ميمبر آهي. سردار بوزدار جي مستقل رهائش ڳڙهي چاڪر تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلي گهوٽڪي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.16  عيسوي

بوزدار رحيم بخش خان: سردار رحيم بخش خان بوزدار گهوٽڪي ضلعي جي بااثر ۽ سياسي شخصيت آهي . هو سردار محمد خان بوزدار جو پٽ آهي . هو 16- نومبر 1947ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بدر سميجو
محمد رفيق بلوچ
چيٽو مل
اشرف سمون ڊاڪٽر
سلطانہ صديقي
چاڪر خان جسڪاڻي
خانبهادر احمد خان سڌايو
ابراهيم شاھہ جتي ستي
چانڊيو حاجي مراد خان
ايڇ جي راورٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون