بوزدار رحيم بخش خان

بوزدار رحيم بخش خان: سردار رحيم بخش خان بوزدار گهوٽڪي ضلعي جي بااثر ۽ سياسي شخصيت آهي. هو سردار محمد خان بوزدار جو پٽ آهي. هو 16- نومبر 1947ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي ۽ ايم. اي شاھہ لطيف يونيورسٽي مان ڪيل اٿس. هو 1985، 1990 ۽ 1997ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي ٽڪيٽ تي گهوٽڪيءَ جي تڪ پي ايس 8- تان ايم. پي. اي چونڊيو. هو ٻيلن، جهنگلي جيوت، پورهئي ۽ نوجوانن جي معاملن وارين ڪميٽين جو ميمبر آهي. سردار بوزدار جي مستقل رهائش ڳڙهي چاڪر تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلي گهوٽڪي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.11.16  عيسوي

بوزدار رحيم بخش خان: سردار رحيم بخش خان بوزدار گهوٽڪي ضلعي جي بااثر ۽ سياسي شخصيت آهي . هو سردار محمد خان بوزدار جو پٽ آهي . هو 16- نومبر 1947ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي علي محمد کوسو
ڀڳت واڌورام
شيخ حبيب ﷲ ماستر
دولت شاھہ امير
انور سيال
جانان بيگم
سيد عبدالرحمان شاھہ اظهر
عمرو بن حفص المهلبي
شفيع محمد نظاماڻي
جمن احمداڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون