مسز راءِ ناز علي

مسز راءِ ناز علي

بوزدار مسز راءِ ناز علي

بوزدار مسز راءِ ناز علي: راءِ ناز علي بوزدار 24 جون 1964ع تي پني عاقل ۾ ڄائي. هوءَ پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي غلام مصطفيٰ بوزدار جي نُنهن آهي، جيڪو سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ بہ رهيو هو ۽ 1993ع وارين چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي پني عاقل جي تڪ تان ايم پي اي چونڊيو هو. محترمہ راءِ ناز علي بي. اي، ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ مان ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هوءَ عورتن جي مخصوص سيٽن تي پ پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي. هن وقت ڪچي آبادي، ڳوٺاڻي ترقي، پورهئي ۽ نوجوانن جي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبر آهي. سندس مستقل رهائش پني عاقل ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.06.24  عيسوي

بوزدار مسز راءِ ناز علي: راءِ ناز علي بوزدار 24 جون 1964ع تي پني عاقل ۾ ڄائي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله عرف ميان موريو
الھہ بخش نظاماڻي
چنگيز اعتماتوف
جـيـن جـيـڪس روسـو
اسد ﷲ ڀٽو پروفيسر
رضوي سيد محمد يوسف
ڄيٺو منگلداس جرگياڻي
جارج شرٽ
رمضان بلوچ
شيخ محمد رضا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون