مسز راءِ ناز علي

مسز راءِ ناز علي

بوزدار مسز راءِ ناز علي

بوزدار مسز راءِ ناز علي: راءِ ناز علي بوزدار 24 جون 1964ع تي پني عاقل ۾ ڄائي. هوءَ پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي غلام مصطفيٰ بوزدار جي نُنهن آهي، جيڪو سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ بہ رهيو هو ۽ 1993ع وارين چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي پني عاقل جي تڪ تان ايم پي اي چونڊيو هو. محترمہ راءِ ناز علي بي. اي، ڊگري ڪاليج گهوٽڪيءَ مان ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هوءَ عورتن جي مخصوص سيٽن تي پ پ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي. هن وقت ڪچي آبادي، ڳوٺاڻي ترقي، پورهئي ۽ نوجوانن جي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبر آهي. سندس مستقل رهائش پني عاقل ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.06.24  عيسوي

بوزدار مسز راءِ ناز علي: راءِ ناز علي بوزدار 24 جون 1964ع تي پني عاقل ۾ ڄائي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايلي ڪاٽ علي گوهر
آدم ٻٽ ڊاڪٽر
دائودپوٽو ولي
رنوير سنگهه
صوفي فقير عبدالله سومرو
طائي
حاجي عبدالستار
مخدوم محمد اسماعيل سومرو
استاد نصرت فتح علي خان
ثميره زرين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون